183

ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جو چيڪ پوسٽ تي حملو، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دهشتگردن ڏکڻ وزيرستان جي علائقي پش زيارت ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي اهلڪارن  ترت جوابي ڪارروائي ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان حوالدار مطلوم عالم ۽ سپاهي سليمان شوڪت شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر مطابق حملي ۾ هڪ جوان زخمي پڻ ٿيو آهي، ان کانپوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو