ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اڄ اسان ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي جو افتتاح ڪري رهيا آهيون جنهن جو ڪريڊٽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ وفاقي حڪومت کي ڏيان ٿو، اڄ اسان ريل 46 ڪلوميٽر تائين هلائي رهيا آهيون جنهن مان 16 ڪلوميٽر ڪراچي سرڪلر ريلوي ( ڪي سي آر ) جو حصو هوندو جڏهن ته 14 ڏينهن بعد هڪ نئين ٽرين مهراڻ ايڪسپريس هلائي رهيا آهيون جيڪا ڪراچي کان ميرپور خاص روٽ تي هلندي ان لاءِ ڪا مقرر تاريخ نٿا ڏئي سگهون ڇو ته ٽريڪ تي سمورا ڦاٽڪ لڳائڻا آهن اميد آهي ته ان ٽريڪ جو به سمورو ڪم 15 ڏينهن اندر مڪمل ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڪراچي سٽي اسٽيشن تي ڪي سي آر جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ريلوي سڪندر سلطان راجا، سي اي او ريلوي دوست علي لغاري ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته شروعاتي طور تي سرڪلر ٽرين جو ڪرايو 50 روپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي پر مان ان کي 30 روپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو. سنڌ حڪومت ڪي سي آر جي ٽريڪ تي انڊر برج ۽ اور برجز جي ڪم لاءِ ايف ڊبليو او کي ٺيڪا ڏئي ڇڏيا آهن ۽ پاڪ ريلوي ٽريڪ جو سمورو سامان ڪراچي کڻي آئي آهي. هن چيو ته ٽريڪ تي سمورا ڦاٽڪ لڳائينداسين ته جيئن ڪو جاني نقصان نه ٿئي . وفاقي وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا، ٻئي مرحلي ۾ 4 ڀيرا ۽ بعد ۾ ڏينهن ۾ 10 ڀيرا ٽرين هلائينداسين. هن چيو ته ٽريڪ تي قبضا مافيا جو قبضو آهي جنهن کي هٽائڻ لاءِ ڪا به سياسي سپورٽ نه ملي رهي آهي. قبضا مافيا گذريل 25 سالن کان ريلوي جي ٽريڪ توڙي پلاٽن تي قبضو ڪيون ويٺي آهي جيئن سنڌ حڪومت اهي قبضا ختم ڪرائيندي ته اسان پنهنجو ڪم ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته ريلوي ۾ اسان ٻيو به ڪافي ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ڪوشش آهي ته عوام کي بهتر کان بهتر سفري سهولتون مهيا ٿي سگهن. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي شيخ رشيد چيو ته ڪي سي آر جو ٽريڪ خالي ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سميت ڪا به سياسي پارٽي سهڪار نه ڪري رهي آهي قبضا خالي ڪرائڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي. وفاقي وزير چيو ته ريلوي جي تمام گهڻي زمين آهي جنهن تي ماڻهن جا قبضا آهن جيڪڏهن ريلوي جو هڪ به پلاٽ وڪرو ڪجي ته ريلوي جو سمورو خسارو ختم ٿي سگهي ٿو.گلگت بلتستان جي اليڪشن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته زبردست اليڪشن ٿي جيڪڏهن مخالف ڌر جي بي جي اليڪشن کي نٿي مڃي ته پوءِ پاڪستان جي ڪنهن به اليڪشن کي مڃي نٿو سگهجي. هن چيو ته جي بي جي اليڪشن ٿي وئي هاڻي انهن کي ڪشمير ۽ مارچ ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي اليڪشن جو فڪر ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪي سي آر مڪمل ٿيڻ بعد پرائيويٽ ڪري سگهجي ٿي جيڪڏهن ڪا پارٽي وٺڻ آئي ته اسان باقاعدي ٽينڊر ڪري ان جي حوالي ڪنداسين. هن چيو ته ڪي سي آر تي 1.8 بلين روپيا لڳائينداسين جنهن مان هن وقت تائين 1.7 بلين روپيا لڳي چڪا آهن.
184