267

ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي جنازي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ، ڪيس داخل، هڙتال، مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي جي وائس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي جنازي نماز ٽنڊوالهيار مين حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي ادا ڪئي وئي،  جنهن ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي جي اگواڻ سيد زين شاھ، عوامي ورڪر پارٽي جي بخشل ٿلھو، نواز خان زئنور، امير آزاد پنھور، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مسرور شاھ، ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻن ڄام عبدالفتاح سميجو، ھوت خان گاڏھي، قادر چنا، ڊاڪٽر سومار مڱريو، محمد علي ابڙو، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون سورھيه سنڌي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، علي پلهھ، محبوب ابڙو، خيرمحمد کوکر، وقار ملاح، نصرت چنا، عاشق سولنگي، خدا بخش درس. شاھ نواز سيال، شوڪت ابڙو، حيدرملاح، شاھنواز سيال، گوتم چنا،خيرمحمدمگسي، اطھر شاھ، مبارڪ ڀٽي سميت ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ ٽنڊوالهيار جي آس پاس جي ڳوٺن، سڄي سنڌ مان ڌرتي ماءُ جي فرزند کي چاهيندڙ هزارين ساٿين شرڪت ڪئي، انتهائي رتڪ آميز منظر، هر اک آلي نظر آئي، جنازي نماز کان پوءِ سندس اباڻي قبرستان لال فقير بهراڻي ۾ هزارين آلين اکين سان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته قومي راڳي وقار ملاح قومي گيت پڙهي مرحوم کي ڀيٽا ڪئي، جڏهن ته شهر ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل رهي، سيڪيورٽي جا انتظاميه انتهائي سخت ڪيا ويا، جڏهن ته پوئنرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، جنازي نماز بعد ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ڳالھائيندي چيو تھ الطاف جسڪاڻي کي هڪ سياسي سازش جي تحت قتل ڪيو ويو آھي، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ گهرجي، جوابدارن جا نالا اسان ايف آئي آر ۾ ڏئي ڇڏيا آھن هاڻ انهن کي هٿ ڪرڻ پوليس جو ڪم آھي، ھن چيو تھ اسين انتظاميا کي 72 ڪلاڪن جو ٽائيم ٿا ڏيون تھ شھيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ٻئي صورت ۾ ايس ٽي پي قاتلن جي ڳولھا پاڻ ڪندي، هوڏانهن ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول الطاف جسڪاڻي جي ڀاءُ ذيشان جسڪاڻي جي فرياد تي خليل عرف ڀولو خانزاده، راسلم رند، پپو رند، ضمير رند سميت 4 نامعلوم مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي، پوليس موجب جوابدار اسلم رند ۽ سندس ڀائر هڪ هفتو اڳ پهنجون ملڪيتون وڪڻي ٽنڊوالهيار شهر ڇڏي چڪو آھي، جنهن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا آھن مگر هو اڃان هٿ نه اچي سگهيو آھي، ٻي پاسي ايس ٽي پي جي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، حيدرآباد، ملير، ٽنڊو الهيار، گهوٽڪي، مٺي، جيڪب آباد، ٺٽو، ڪنڌڪوٽ، ڏهرڪي، لعلو رائنڪ، قبو سعيد خان، مٺياڻي، ڪڍڻ ، ڊگهڙي، ميرپور بٺورو، تلهار، ٽنڊو باگو، ڪلوئي، نواب ولي محمد، جروار، نئون ڪوٽ، سڪرنڊ، تنگواڻي، چوهڙ جمالي،  جهڏو، ٽنڊو حيدر ۽ ٻين شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، سکر  ۾ عبدالواحد کوسو، نومي سنڌي ۽ وحيد کوسو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻو ۾  محمد صادق لاشاري، طارق جتوئي، عامر ڪورائي، فقير ظهير سانگي، ايس يو پي اڳواڻ صدر ڀٽي، ڊاڪٽر مظهر مغل ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ٺٽو ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن عثمان ھنڱورو، صاحب ڏنو سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو، ڪنڌ ڪوٽ ۾ اڪرم باجڪاڻي، قمر دين سهرياڻي، صفي الله سهرياڻي، فضل سبزوئي ، اي ڪي اوڳاهي ، اويس کوسو، جيوڻ  سبزوئي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪيو ويو، شھدادڪوٽ ۾  ايس ٽي پي ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومرو، رشيد مگسي، داد محمد کنڊ، محسن ميرجت، زاهد مگسي، رفيق سومرو، آزاد سيلرو، سجاد تنيو، اسماعيل مگسي، نواز مگسي، ايس يو پي اڳواڻ حاڪم خان مستوئي، الهداد خشڪ، جسقم اڳواڻ آغا ڪالاڻي، اسرار سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، قمبر  ۾ الله بخش جاگيراڻي،نظير سومرو، الهيار رند،ارباب جويو،عالم نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، عبدالنبي مگسي،عبدالغفور ٿهيم ،غلام مصطفي ڀٽو ،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، گهوٽڪي ۾ اڳواڻن خالد لاکو، راجا مجيب،ناهيد ملڪ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس احتجاج دوران ايس ٽي پي جا ڪارڪن گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيا، دادو ۾  جبران علي پنهور جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مطاهرو ڪيو ويو ، ڏهرڪي  ۾  ايس ٽي پي ڪارڪنن ڄام معشوق سميجو، آفتاب شر،  ظفر سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  لعلورائنڪ ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن دلبر پيچوهو، نويد حسين ڀٽي، ممتاز علي شيدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  قبوسعيد خان ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ رئيس  غلام نبي چنو، غني مگسي، معشوق مگسي، غلام مرتضيٰ بروهي ،  محب چنه ، عبدالوحيد چنو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مٺياڻي ۾ هوش محمد مشوري،  محمد عرس ۽ شهباز مستوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو، ڪڍڻ ۾ ممتاز علي جت، ممتاز ملاح ڪفايت سنڌي غلام مصطفيٰ جمالي ۽ ٻين ٻھڊمي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي، ڊگهڙي  ۾ ٿيل هوائي فائرنگ ۽ شهر بند ڪرائڻ جو ڪيس ايس ٽي پي اڳواڻن ٺارو خان نوحاڻي،علي محمد نوحاڻي،هاشم نوحاڻي،پرويز نوحاڻي،رياض نوحاڻي،گورڌن گوريلو ۽ تيرنهن چوڏنهن نامعلوم ماڻهن خلاف سرڪار پاران دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ٻي طرف ايس ٽي پي اڳواڻ مير يونس ٽالپر،ڪامريڊ والجي ميگهواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڳڙهي خيرو ۾  حاجي ميھر ديناري ، مير گل عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪيو ويو، ميرپور بٺورو ۾ ضلعي صدر  عبدالغني ملاح، ھالار شورو، منور شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،راڄوخاناڻي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن مير عاشق ٽالپر، پنهل نظاماڻي، جنيد ٽالپر ۽ ٻين احتجاج ڪيو، باڊهه ۾ ڪامريڊ قادر بروهي، اصغر نوناري، منور نوناري ۽ محمد صفر مغيري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٺل ۾  تعلقي صدر سرواڻ لاشاري جي اڳواڻي ميونسپل ڪاميٽي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊو باگو ۾ احسان عمراڻي، رجب عمراڻي، ڪارو هاليپوٽو، آڪاش هاليپوٽو.۽ ٻين جي اڳواڻي ۾،  ڪلوئي ۾ ڪامريڊ گل حسن لنڊ، مولابخش بجير، خالد احمد،  فيض محمد لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، نواب ولي محمد ڏاڏو عثمان ٻگھيو،زاھد چانڊيو،خادم رند، يونس کوکر، وسيم ميرجت  جي اڳواڻي، جروار ۾ عاجز گبول ،علي گوھر گبول ماجد سنڌي ٻين جي اڳواڻي ۾، نئون ڪوٽ ۾ نادر جسڪاڻي، فتح محمد جسڪاڻي، الهه بخش جسڪاڻي سجاد ڪنڀار  مڪيش مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، خيرپورناٿن شاھ ۾ فقير علي حسن جانوري سڪندر کوکر جي اڳواڻي ۾،گڏاپ ۾ ضلعي اولهھ صدر رجب مگسي، حسن مگسي، مير منصور احمد سولنگي، امجد سوڍر، بشير چانڊيو، فواد لنڊ، جسقم اڳواڻن عباس جتوئي، پپو ڀٽو ۽  سعيد چانڊيو جي اڳواڻي  ۾، سڪرنڊ  ۾  عبدالقادر جيلاني ، محمد ايوب کوسو ، حسين بخش ڪيريو ، اختر مگسي ، شعبان مگسي ، شاهنواز ڪيريو، گلبهار ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، کپرو ۾  لوڻو ڀيل، عثمان ڪنڀر،  اويس رونجهو، مهراڻ سنڌي، حيات سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، تنگواڻي ۾ امام بخش بھلڪاڻي، شربت نندواڻي،  راجا نوناري،  مھتاب ملڪ ۽ٻين جي اڳواڻي ۾، رتوديرو ۾ وزير جتوئي ، امام بخش ڪٽوهر ، سيد منور علي شاه ، مٺل ڪٽوهر ، منور حسين بليدي ، پناه بليدي ، سيف علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، چوهڙ جمالي ۾ غلام مصطفي مگسي، غلام رسول ڪلمتي، اصغر لاکاٽيو، ڪاڪا اشفاق ميمڻ، شريف ڪلمتي، حيدر جهولائي بشير رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، جهڏو ۾ ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو ، جسقم تعلقي صدر ديشي نياز کوسو، نعيم کوسو، جي اڳواڻي ۾، ٽنڊو حيدر ۾  عبدالشڪور پرهياڙ، ملتان ٺاڪر، عبدالسلام خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٻي پاسي  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو ۽ جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته  الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي، عوامي تحريڪ الطاف جسڪاڻي جي قتل کي سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ سمجهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو