208

ڪورونا وبا: آزاد ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان، اسڪول به بند

ميرپور (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي ٻئين لهر کي نظر ۾ رکندي 15 ڏينهن لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي. نجي ٽي وي مطابق آزاد ڪشمير جي سمورن ضلعن ۾ 15 ڏينهن لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق آزاد ڪشمير جي سمورن ضلعن ۾ هڪ ئي وقت لاڪ ڊائون هوندو، رڳو لازمي خدمتن وارن شعبن ۾ ايس او پيز تحت سرگرميون جاري رهنديون، سرڪاري آفيسن ۾ 50 سيڪڙو حاضري هوندي، سمورا ڪاروباري مرڪز، مارڪيٽون، بازار، سرڪاري، غير سرڪاري آفيسون ۽ تعليمي ادارا به بند رهندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو