178

پشاور ۾ گهران نڪتل 7 ورهين جي ٻارڙي جو قبرستان مان سڙيل لاش هٿ

پشاور (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن گهران نڪتل  7 ورهين جي ٻارڙي جو سڙيل لاش قبرستان مان هٿ آيو آهي. نجي ٽي وي مطابق پشاور جي علائقي بڊبير ۾ واقع قبرستان مان هڪ ٻارڙي جو سڙيل لاش مليو آهي، جنهن جي سڃاڻپ 7 ورهين جي ليا ڌيءَ معراج طور ٿي آهي. پوليس مطابق ٻارڙي بالوخيل جي رهواسڻ آهي، جيڪا گذريل ڏينهن گهر کان ٻاهر نڪتي ته گم ٿي وئي، جنهن جي گمشدگي جي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي وئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو