ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ گئس ليڪيج ٿيڻ ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب زال مڙس فوت ٿي ويا آهن. ڪوئيٽا ڀرسان گهر اندر گئس ليڪيج ٿيڻ سبب 21 ورهين جو جهانگير ۽ سندس 22 ورهين جي زال سڪينا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جيڪي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.
