201

عوام جي ووٽن تي ڌاڙو قبول نه ڪبو، ڪٺ پتلين کان آزادي وٺي رهنداسين، اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت جنوري تائين مهمان آهي: بلاول ڀٽو زرداري

گلگت (ويب ڊيسڪ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺ پتلين کان آزادي وٺي رهنداسين، اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت جنوري تائين مهمان آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان جي عوام وفاق کي عدم اعتماد جو ووٽ ڏنو ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين سڀني کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، گلگت بلتستان 21 ۾ پولنگ باڪس چوري ٿيا، سازش تحت عورتن کي ووٽ وارو حق ادا ڪرڻ کان روڪيو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪمشنر اسان جي اميدوارن کي چونڊ مهم جو حصو بڻجڻ کان روڪيو. بلاول ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جا ڪارڪن سخت ٿڌ ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن، چونڊ نتيجا سامهون نه اچڻ تڪراري آهي، هڪ تصوير ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر گورنر سان گڏ ويٺو آهي، اسان پهرين ئي ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته ڳٺ جوڙ آهي، اسان چيف اليڪشن ڪمشنر کان تصوير جي وضاحت گهرون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي وڪرو ڪيو ويو، چيو پيو وڃي ته اليڪشن شفاف ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جواب ڏيڻ بدران پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ لڳي پئي آهي، هي اليڪشن ڪميشن نه پر پي ٽي آءِ جي ونگ آهي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪمشنر پنهنجي عهدي جو ڀرم رکي نه سگهيو آهي، گلگت بلتستان ۾ ووٽ تي ڌاڙو نامنظور آهي، ڪٺ پتلين کان آزادي حاصل ڪري رهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت جنوري تائين جي مهمان آهي، پي ٽي آءِ هن وقت تائين وزيراعليٰ جو به فيصلو نه ڪري سگهي آهي ۽ هر ميمبر تائين وڃي اهو کيس چئي رهيا آهن ته وزيراعليٰ اوهان آهيو، آزاد اميدوار رڳو جنوري تائين انتظار ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو