151

فيصل آباد ۾ مڱڻي ٽُٽڻ تان نوجوان ڪاوڙجي 7 ورهين جي ٻار کي قتل ڪري ڇڏيو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ مڱڻي ٽُٽڻ تان نوجوان ڪاوڙجي 7 ورهين جي ٻار کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ کي روزگار وارو هجڻ جو ظاهر ڪري مڱڻي ڪندڙ نوجوان جي سندس بيروزگار هجڻ واري ڳالهه سامهون اچڻ تي مڱڻي ٽُٽي پئي، جنهن کانپوءِ هن ڪاوڙ ۾ اچي پاڙيسري مائٽ جي 7 ورهين جي ٻارڙي کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش پاڻي جي کڏي ۾ اڇلائي ڇڏيو. پوليس مطابق واقعو جڙانوالا ۾ پيش آيو، جتي ياسين نالي نوجوان پاڻ کي روزگار وارو ظاهر ڪري مڱڻي ڪئي هئي، ان جي ساهورن جڏهن سندس هڪ مائٽ نديم کان تصديق ڪرائي ته ان ياسين جي حقيقت ٻڌائيندي چيو ته هو بيروزگار آهي ۽ ڪوبه ڪم نٿو ڪري، جنهن تي نوجوان جي مڱڻي ٽٽي  پئي، جنهن تي جوابدار اهڙو قدم کنيو ۽ ٻار کي قتل ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو