ميھڙ(ن سوڀ) ميھڙ قاسم ڪالوني جي رھواسين مردن عورتن ٻارڙن نظر چانڊيو، صغير ميربحر، حاجي پنھور، ڪريم ملاڻو، رخسانا ملاڻو ، فرزانا ۽ ٻين بااثر منظور گائينچو ۽ ٻين پاران گهر مان چوري ۽ ميهڙ پوليس خلاف نيشنل پريس ڪلب جي صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مسمات رخسانا دانھيندي چيو ته مان گھر کان ٻاھر مائٽن ڏي گھمڻ وئي ھيس جيئن گھر واپس آيس ته گھر جو تالو ڀڳل ھو ۽ گھر مان هڪ لک روپيا سونا زيور ۽ ٻيو سامان چوري ٿيل ھو، جڏھن ته پاڙي وارن چور کي سڃاتو ته منظور گائينچو ۽ ٻيا نامعلوم چور ھئا. ھنن وڌيڪ چيو ته اسان عورتون پاڪ ڪتاب کڻي پوليس وٽ آياسين ته بااثر منظور گائينچو اسان جي گھر مان ھٿيارن جي زور تي چوري ڪري ويو آھي ۽ اسان جي پٽ کان ھٿيارن جي زور تي سي ڊي موٽر سائيڪل ڦري ويو آھي پر پوليس اسان جي اين سي به داخل نه ڪئي، پوليس ويتر اسان کي چيو ته توھان ڊرامو ٿا ڪيو. ھنن چيو ته منظور گائينچو اسان مٿان چوري جو الزام مڙھي رھيو آھي. هنن اپيل ڪئي بااثر ۽ پوليس جي ناانصافين جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
