131

کهڙا جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول نمبر هڪ جو مرمتي ڪم 3 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو، ٻارڙن جي تعليم متاثر

کھڙا (ن سوڀ) کهڙا شهر جو کهڙا_ ڊرٻ ميهرشاهه روڊ تي قائم گورنمينٽ پرائمري بوائز پرائمري اسڪول نمبر هڪ جو مرمتي ڪم ٺيڪيدار جي لاپرواهي سبب 3 سال گذرڻ باوجود مڪمل ٿي ناهي سگهيو، اسڪول نمبر ون جي عمارت جي مرمت لاءِ 3 سال اڳ 200 شاگردن کي گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول نمبر 2 ۾ شفٽ ڪيو ويو هو، ٺيڪيدار جي لاپرواهي سبب 3 سال گذرڻ باوجود اسڪول جي عمارت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري 70 شاگردن جي حاضري رهي آهي، جڏهن ته 130 شاگردن تعليم ڇڏي ڏني، جنهنڪري اڌ کان وڌيڪ شاگرد تعليم جھڙي زيور کان محروم ٿيڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو آهي. شهرين ڪامريڊ محمد ڏنو لاکو، محمد مٺل لاشاري، ذڪريا عباسي، محمد علي اڄڻ، جميل احمد مري، سيد علي نواز شاهه ۽ ٻين چيو ته ٺيڪيدار بااثر هجڻ ڪري اسڪول جي عمارت جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آهي، جنھنڪري معصوم ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي، شهرين تعليم کاتي جي عملدارن کان گهر ڪئي ته ٺيڪيدار جي ڪن مهٽ ڪري اسڪول جي عمارت جو رهيل ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ته جيئن بچيل شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن. ٻئي پاسي ٽي اي او بوائز پرائمري اسڪولس گمبٽ محمد مشڪ رتڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت جو مرمتي ڪم مڪمل ٿي ناهي سگهيو آهي جيئن ئي اسڪول اسان جي هينڊ اوور ٿيندو ته شاگردن کي اسڪول ۾ شفٽ ڪيو ويندو. هوڏانهن اسڪول جي سينيئر استاد حليم ﷲ سومرو جو چوڻ هو ته اسڪول بند هجڻ سبب اسان کي پرائمري اسڪول نمبر 2 ۾ صرف هڪ ڪلاس روم ڏنو ويو جنهن سبب جاءِ نه هجڻ ڪري اٽڪل 130 شاگرد ڇڏي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو