206

اداري جي بهتري لاءِ ٿيندڙ فيصلن تي عمل ڪرائبو، ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: انيلا عطاءُ الرحمان

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان جي صدارت هيٺ سيلف انسٽيٽيوشنل پرفارمنس ايووليشن(آءِ پي اي) جو اهم اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ ميڊيسن اينڊ الائيڊ سائنسز فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر حاڪم علي ابڙو، بيسڪ ميڊيڪل سائنسز  فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر صفدر علي شيخ، رجسٽرار کيو رام ڍوليا، ڪميونٽي اينڊ پبلڪ هيلٿ سائنسز فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر سعيد احمد شيخ ۽ ڊائريڪٽر ڪيو اي سي التمش شيراز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا، جڏهن ته آءِ پي اي جي سلسلي ۾ ڪميٽي پاران پيش ڪيل سفارشن ۽ فائنڊنگ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾  ٻن ڪميٽين پاران آءِ پي اي جي سلسلي ۾ جوڙيل ڌار ڌار 10 نقاطي ۽ 18 نقاطي فائنڊنگ تي غور ڪيو ويو. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ايڇ اي سي پاران ڪجهه ڏينهن جي اندر ٿيندڙ وزٽ جي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪيون وينديون ۽ ان کان اڳ آءِ پي اي جي حوالي سان ٿيندڙ فيصلن تي عمل ڪرايو ويندو. وائيس چانسلر ڳالهائيندي چيو ته يونيورسٽي اندر تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون  ڪيون پيون وڃن ۽ يونيورسٽي کي هڪ مثالي ادارو بنايو ويو آهي هن واضح هدايتون ڏيندي چيو ته اداري جي بهتري لاءِ ٿيندڙ فيصلن تي مڪمل طور عمل ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به ڪوتاهي کي برداشت نه ڪيو ويندو. ٻئي طرف ان اجلاس کان اڳ وي سي پوسٽ گريجوئيٽ اسٽوڊنٽس شعبي جي ڊائريڪٽر ۽ ڪنٽرولر سان به اهم گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي دوران ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ امتحانن جي حوالي سان به اهم فيصلا ڪيا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو