131

سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملو افسوسناڪ آهي، مذمت ڪريون ٿا: گورنر خيبر پختونخواهه

پشاور (ويب ڊيسڪ) گورنر خيبر پختونخواهه شاهه فرمان ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. گورنر دهشتگردن جي حملي ۾ حوالدار ۽ سپاهي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو ۽ زخمي سپاهي جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملو افسوسناڪ آهي ۽ ان جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو