187

گذريل ڪجهه سالن کان اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي اثر ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي: ڊاڪٽر فيصل سلطان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته اينٽي بائيوٽڪ دوائون گذريل 80 سالن کان طب جي شعبي ۾ انقلاب آڻي رهيون آهن، اينٽي بائيوٽڪ دوائن ذريعي ڪيترين ئي موذي بيمارين جو علاج ڪيو ويندو آهي. خميس ڏينهن اينٽي بائيوٽڪ بابت آگاهي لاءِ ملهائجندڙ هفتي“ جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اينٽي بائيوٽڪ اهي دوائون آهن جيڪي گذريل 80 سالن کان طب جي شعبي ۾ انقلاب آڻي رهيون آهن. هن چيو ته اينٽي بائيوٽڪس سان ڪيترين ئي موذي بيمارين جو علاج ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان گذريل ڪجهه سالن کان اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي اثر ۾ ڪمي اچي رهي آهي، ايبٽي بائيوٽڪ دوائن خلاف جراثيم جي مزاحمت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت نيشنل ايڪشن پلان يار ڪيو آهي. اينٽي بائيوٽڪس جي خريد ۽ وڪرو ڊاڪٽر جي نسخي بغير نه ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽرن ۽ فارماسسٽس سميت سمورن ماڻهن کي اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي مسئلي تي محتاط رهڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو