139

جنوري تائين ڪورونا جون 4 ڪروڙ ويڪسين تيار ٿينديون: آمريڪا جي دعويٰ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته خوراڪ ۽ دوائن واري کاتي کان اجازت ملڻ کانپوءِ ملڪ ۾ ايندڙ سال جنوري جي شروعات تائين مارڪيٽ ۾ پهچڻ لاءِ 4 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي خوراڪ تيار ٿيندي. آمريڪي صحت واري وزير اليڪس آزر صحافين کي چيو ته اسان کي اميد آهي ته ڊسمبر جي آخر تائين اسان وٽ ڪورونا وائرس جي چار ڪروڙ کان وڌيڪ ويڪسين بازار ۾ ورهائڻ لاءِ تيار ٿيندي ۽ ان لاءِ اسان خوراڪ ۽ دوائن واري کاتي کان اجازت ملڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي ايندي ئي 2 ڪروڙ آمريڪي شهرين کي ڏني ويندي ۽ ضرورتمند ماڻهن کي ترجيح ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو