نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ موتمار ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 89 هزار کان وڌي ويو آهي. ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 38617 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته ان دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 474 ماڻهو فوت ٿيا آهن. ڪورونا وائرس جي مريضن جي لحاظ کان ڀارت دنيا جو ٻيون سڀني کان متاثر ملڪ آهي، ملڪ جي مختلف رياستن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو مجموعي انگ 8958483 آهي جڏهن ته ڀارتي صحت واري وزارت جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسز جو انگ 443263 آهي.
184