172

انگلينڊ خلاف سيريز کان اڳ ڏکڻ آفريڪا جي رانديگر جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف محدود اوورز جي سيريز کان اڳ ڏکڻ آفريڪن ٽيم جي هڪ رانديگر جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو آهي جڏهن ته ويجهي رابطي ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن کي ڪيپ ٽائون ۾ قرنطينه ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪا پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته 50 رانديگرن جا ڪورونا ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا هئا جن مان هڪ رانديگر جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي ۽ ان رانديگر جي رابطي ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن کي ڌار ڪيو ويو آهي ۽ ان دوران ڊاڪٽر انهن جي مڪمل نگراني جاري رکندا ته جيئن انهن جي صحت ۽ تندرستي کي يقيني بڻائي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو