رڪن ٻرڙا(ن سوڀ) پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڄام ڳوٺ پهچي پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي جي وفات تي ڄام شبير علي، ڄام ظھير علي، ڄام ذوالفقار علي، ڄام ذيشان علي ۽ سردار عثمان عالماڻي سان تعزيت ڪئي. تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته ملڪ جو عوام نيازي سرڪار مان ڇوٽڪاري جون دعائون گهري رھيو آھي ڇو جو عمران خان جي حڪومت ۾ عوام کان مهانگائي ڏئي جيئڻ جو حق کسيو ويو آھي ۽ ھن وقت وفاق مڪمل طور تي سنڌ دشمني تي لٿل آھي، وفاق ھن وقت به سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رھي آھي، جيڪو اسان بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ ڪڏھن به برداشت نه ڪنداسين، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن، ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ وارو صدارتي آرڊينيس سنڌ جي عوام قبول نه ڪيو آھي، سنڌ ڏي ڪير به ميري اک سان ڏسندو اھا اک سلامت نه ھوندي. ھن چيو ته ڄام مدد علي جي وفات سان سنڌ اسيمبلي ھڪ سگھاري سنڌ لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي شخصيت کان محروم ٿي وئي آھي، ڄام مدد علي پنھنجي حياتي دوران سدائين سنڌ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ پنھنجو سياسي ڪردار ادا ڪيو، جنھن جو ثبوت اسيمبلي ۽ ھر فورم تي ڪيل تقريرون موجود آھن ۽ اسان ھن ڏک واري گھڙي ۾ ڄام خاندان سان گڏ آھيون.
244