174

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 16 ڄڻا فوت، 1193 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾  ڪورونا وائرس سبب 16 ڄڻا وڌيڪ فوت ٿي ويا جڏهن ته فوتين جو انگ 2780 ٿي ويو ۽ 14970 ٽيسٽ ڪرڻ سان 1193 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪورونا وائرس خلاف جنگ وڙهندي وڌيڪ 16 مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 2780 ٿي ويو آهي جيڪا 1.8 سيڪڙو فوتي جي شرح آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 14470 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1193 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪا موجوده تشخيصي شرح 8.2 سيڪڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 1859287 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 159752 ڪيس پڌرا ٿي چڪا آهن جن مان 90 سيڪڙو يعني 144316 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 260 مريض به شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 12656 مريض علاج هيٺ آهن جن ۾ 12119 مريض گهرن ۾، 8 آئسوليشن سينٽرز ۽ 529 مختلف اسپتالن ۾ شامل آهن.  هن وڌيڪ چيو ته 449 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ 47 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 1193 ڪيسن ما 837 ڪراچي سان تعلق رکندڙ آهن جن ۾ ضلع اوڀر 324، ضلع ڏکڻ 218، ضلع ڪورنگي 119، ضلع مرڪز 109، ضلع ملير 45 ۽ ضلع اولهه 22  شامل آهن.  هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد 143، سکر 19، مٽياري 18، عمرڪوٽ 14، شهيد بينظير آباد ۽ دادو 11-11، ٺٽو 10، ميرپورخاص ۽ گهوٽڪي 8-8، ڄامشورو 7، جيڪب آباد، قمبر ۽ نوشهروفيروز 5-5 ، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار 3-3، بدين ۽ شڪارپور 2-2، ڪشمور ۽ خيرپور 1-1 ڪيس آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو