271

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارو ڪيس: خورشيد شاهه احتساب عدالت ۾ پيش، فرد جرم لاڳو نه ٿيو

سکر (ويب ڊيسڪ) آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه کي احتساب عدالت سکر ۾ پيش ڪيو ويو. سيد خورشيد شاهه سميت 18 ماڻهن تي هڪ ارب 23 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. احتساب عدالت سکر جي جج انور قاضي ٻڌڻي ڪئي. صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ ايم پي اي فرخ شاهه پيش نه ٿي سگهيا. احتساب عدالت مختصر ڪارروائي کان پوءِ ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪجهه ملزمن جي غيرحاضري سبب ملزمن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. ٻڌڻي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. سيد خورشيد شاهه کي اين آءِ سي وي ڊي جي ايمبوليسن ۾ احتساب عدالت آندو ويو. سيد خورشيد شاهه، ان جي ٻن گهر وارين، ٻن پٽن ۽ ناٺي سميت صوبائي وزير سيد اويس شاهه ۽ 18 ڄڻن تي ريفرنس دائر ڪيل آهي.صوبائي وزير اويس شاهه جي ڀاءَ شريڪ ملزم سيد جنيد شاهه جي هاءِ ڪورٽ 15 ڊسمبر تائين عارضي ضمانت منظور ڪئي هئي. سيد خورشيد شاهه کي 14 مهينا اڳ بني گالا اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو. هو هن وقت دل جي تڪليف سبب سکر اسپتال ۾ داخل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو