خيرپور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار نواب وساڻ جي ڀاڻيجي اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ۾ مبينا طور ملوث 3 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي خيرپور سعود مگسي چيو آهي ته جوابدار فراز راجپوت کي فون ٽريسنگ جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ان جي والد زاهد راجپوت ۽ محب شاهه لڪياري کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتو ويو آهي. بلاول وساڻ جي قتل جي جاچ جاري آهي. هن چيو ته مقتول جي باڊي مڪمل طور سڙي وئي هئي، ان جي ٻانهون، ٽنگون ۽ کوپڙي جون هڏيون پڻ موجود نه هيون. قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
271