ليکڪ: حاڪم چانڊيو: گهڻن ڏينهن جي اعلانن پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ اڄ جڏهن ”سوڀ“ ڊجيٽل آن لائين ڏسڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو، تڏهن خوشي جي حد ئي نه رهي، ڇاڪاڻ ته ”سوڀ“ جنهن کي نئين ۽ جديد طريقي سان 2004ع ۾ هلائڻ جو ڪيل وچن نه رڳو ساڀيان ٿي رهيو آهي پر روزاني ”سوڀ“ توقع کان اڳتي وڌي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته روزاني ”سوڀ“ اخبار به مختلف روپن سان پنهنجي سفر ۾ ٻين اخبارن وانگر لاها ۽ چاڙها به ڏٺا، عروج به ماڻيو ۽ وري ان عروج کان پوئتي به هٽي ۽ صحافتي دنيا ۾ ڪيترين روايتن جو رواج وجهي ٻين ميڊيائي ادارن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، جنهن ۾ اخبار جو نه پر اخبار جي مالڪن، ڊيسٽڪ ٽيم، نمائندن، سرڪيوليشن، هاڪرن، ميشن مينن سوڌو سمورن فردن جو هٿ هو ۽ آهي جن جي دلين ۾ سوڀ لاءِ جستجو ۽ ولولو آهي ۽ پنهنجي ساٿين لاءِ هر وقت اها ئي هوڪار آهي ته هلڻ جو، وڌڻ جو، بگل ٿو وڄي، اٿو قافلي کي اُٿاري هلو…..!!!
اڄ جڏهن هر گهٽي ۽ گام تان، رڳو آن لائين، آن لائين جو چرچو لڳو پيو آهي اتي بهتر، اثرائتي ۽ جامع حڪمت عملي سان ”سوڀ“ جو ڊجيٽل مارڪيٽ ۾ اچڻ نه رڳو سنڌي ميڊيا پر سنڌي ٻوليءَ لاءِ سٺو سنئوڻ آهي. جنهن سان گوگل سرچ انجڻ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو جامع ۽ معتبر انداز ۾ نج سنڌي صورتختي ۾ اڻکُٽ ذخيرو پڻ جمع ٿيندو رهندو.روزاني ”سوڀ“ جو ڊجيٽل ٿيڻ ڪا پهرين ڪاميابي نه آهي ۽ نه ئي آخري آهي،”سوڀ“ پنهنجي ڪامياب سفر ۾ اڳ به کوڙ ساريون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جنهن جو ڳاڻيٽو ڪرڻ کان گهڻو آهي، تنهن باوجود ڪجهه ڪاميابيون ڳڻائڻ ۽ انهن جو سهرو سنواريندڙن کي مانُ بخشڻ ضروري سمجهان ٿو.
پنهنجي صحافتي سفر ۾ مختلف ادارن ۽ فردن سان تعلق جڙيو، جن مان ڪجهه سان اڃا تائين تعلق برقرار آهن، جن ۾ روزاني ”سوڀ“ اخبار ۽ ان جي ايڊيٽر ظهير ميراڻي ۽ الطاف ڏهراج کان ويندي انهن جي ٽيم ۾ شامل سمورا ساٿي آهن، مون کي خوشي آهي ته آئون درسگاهن ۽ ٿڌين هوائن جي ڌرتي ڄامشوري مان پهرئين ڏينهن کان روزاني ”سوڀ“ جو نه رڳو رپورٽر پر هاڪر ۽ سب ايڊيٽر به رهيو آهيان جيڪو مون کي قلم ڌڻي طور اعزاز به آهي. وقت جي ڊوڙ سبب سردين ۽ گرمين ۾ جتي سوڀ سان سفر رهيو آهي.”سوڀ“ صرف اخبار جو نالو نه پر هڪ زندگي، زندگي جيئڻ جو اتساهه ۽ ڪاميابي جي ضمانت آهي، ڪاميابيون هر مشڪل کي چئلينج ڪرڻ سان ملنديون آهن، جيڪي چئلينج مون کي روزاني ”سوڀ“ اخبار ۽ ان جي ايڊيٽر محترم ظهير ميراڻي ڏنا، جنهن کي ”محبت ڏي، محبت وٺ“ جي اصولن تي مون نه صرف خوش اصلوبي سان نڀايو پر ڪاميابي سان هم ڪنار به ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي لاهن ۽ چاڙهن باوجود ”سوڀ“ سان ساٿ جاري آهي ۽ اها اميد به آهي ته اهو ساٿ لازم ۽ ملزوم بڻجي ويندو.
ماضي جي جهروڪن ۾ نگاهه ڪبي به ”سوڀ“ سان ساٿ ۾ خوشين ۽ غمين جا داستان ڀريا پيا آهن پر انهن ۾خوشين وارو پلڙو مڙئي وزني آهي، جنهن ۾ اڄ ”سوڀ“ ڊجيٽل واري خوشي مورڳو ئي غمن واري پلڙي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، ڇوته ”سوڀ“ جي ڪاميابين واري سفر ۾ آئون پاڻ کي حضرت ابراهيم واري آڙاهه کي وسائڻ واري جهرڪي واري سوچ جو پوئلڳ آهيان. مون کي قوي اميد آهي ته روزاني ”سوڀ“ هڪ اخبار مان هڪ انڊسٽري ٿي اڀري آهي، ”سوڀ“ ڊجيٽل به اهو ئي مقام حاصل ڪندي جيڪو روزاني ”سوڀ“ پنهنجي نت نون رنگن ۽ ڍنگن سان ڪيو آهي، پر ان کان به وڌيڪ سنڌي ميڊيا ۾ مهندار جو ڪردار ادا ڪندي، جنهن لاءِ آئون پنهنجي ”سوڀ“ جي هر ساٿي کي اهم سمجهندي ائين چوندس ته ساٿيو قدم وڌايو ”سوڀ“ اسان جي آهي ان کان به اڳتي وڌي پنهنجي ساٿين کي سنڌ جي خوبصورت ۽ پيار جي شاعر استاد بخاري جي سٽن سان سڏيندُس ته؛
پاڻ ڇو رُڪجون رفقيو، ارتقا رُڪجي نه ٿي،
زندگي جي آرزو ۾ جستجو رُڪجي نه ٿي.
ساٿيو ! سندرا ٻڌو، وڌندا هلو، هلندا هلو،
پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي.