ليکڪ: سليم صافي: والاريل ڄمون ۽ ڪشمير واسين پاڪستان جي خاطر قرباني ۽ محبت جي حد ڪري ڇڏي پر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واسين جي محبت به پنهنجو مثال پاڻ آهي، پر اسان پاڪستان جي رهواسين اڄ تائين کين باقي صوبن وانگر ائيني ۽ مالي حق نه ڏنا آهن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير کي رڳو نالي تائين صدر ۽ وزيراعظم ڏنو آهي پر انهن کي وفاقي سيڪريٽري جيترا اختيار به حاصل نه آهن، ساڳي حالت گلگت بلتستان جي آهي، اتان جا ماڻهو صوبو گهري رهيا هئا پر 70 سالن کان اسان کي اهائي رٽ ياد ڪرائي وئي آهي ته ان سان ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسان جو ڪيس ڪمزور ٿي ويندو، جيتوڻيڪ عقل جي تقاضا اها هئي ته اسان پهرئين ڏينهن کان آزاد ۽ ڄمون ڪشمير کي هر لحاظ کان پاڪستان جو مڪمل حصو ٺاهيون ها ۽ ان کي هر طرح جي مالي، سياسي ۽ انتظامي خودمختياري ڏيون ها ته جيئن انڊيا جي قبضي هيٺ رهندڙ ڪشميرين کي ترغيب ملي ها پر 70 سالن جي مجرماڻي غفلت کانپوءِ هاڻ جڏهن مودي والاريل ڪشمير هڙپ ڪري ورتو آهي ته اسان کي گلگت بلتستان کي صوبي جو اسٽيٽس ڏيڻ جو خيال آيو آهي. پيپلزپارٽي پنهنجي گذريل حڪومتي دور ۾ گلگت بلتستان کي ڪجهه آئيني حق ته ڏنا پر ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ان کي صوبو بڻائڻ نه ڏنو، سرتاج عزيز ڪاميٽي به پنهنجي سفارشن ۾ پرو ويزنل صوبي جي تجويز ڏني پر هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير ڪاز کي نقصان جي آڙ وٺي ان تي عمل ڪرڻ نه ڏنو ويو، ان کان وڌيڪ ٻيو ظلم ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته اڄ به گلگت بلتستان جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ٻاهر کان ۽ اڪثر وقتن تي خيبرپختونخواهه مان اچي ٿو. گلگت بلتستان جي اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت سي پيڪ جي تناظر ۾ وڌيڪ وڌي وئي آهي پر افسوس ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۽ ان وقت جي فوجي قيادت سي پيڪ ۾ گلگت بلتستان کي بلوچستان وانگر ان جو جائز حصو نه ڏنو، اميد ڪئي پئي وئي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ان زيادتي جو ازالو ڪندي پر افسوس ته ائين نه ٿي سگهيو، ۽ پوءِ گلگت بلتستان ۾ جڏهن چونڊن جو وقت آيو ته عمران خان کي به گلگت بلتستان ياد آيو ۽ بنا ڪنهن هوم ورڪ، ڪشميري ۽ ملڪي قيادت سان مناسب مشوري کانسواءِ هن گلگت بلتستان کي صوبو بڻائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير جي قيادت مخالفت ڪئي. ٻئي طرف گلگت بلتستان کي فتح ڪرڻ لاءِ علي امين گنڊاپور وغيره کي ٽاسڪ سونپيو ويو ۽ اتي جي چونڊن ۾ 2018ع جي عام چونڊن جهڙا حربا استعمال ٿيڻ لڳا، اسان ڪيتريون ئي التجائون ڪيون ۽ مطالبا ڪندا رهياسين ته گلگت بلتستان جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي هتي روايتي حربا استعمال نه ڪيا وڃن پر اهو ئي ٿيو جنهن جو خدشو هو، پهريان اتي مصنوعي طور تي پي ٽي آءِ ٺهرائي وئي، ان ۾ اليڪٽيبلز کي شامل ڪرايو ويو ۽ پوءِ انهن کي کٽرايو ويو. اليڪشن ڪميشن کي اپاهج بڻايو ويو ۽ وري ڳڻپ جي عمل دوران اهو عمل هڪ ٻي شڪل ۾ ورجايو ويو، جيڪو 2018ع جي چونڊن ۾ استعمال ڪيو ويو هو. هونئن ته پاڪستان ۾ هر سياسي حڪومت بي اختيار هوندي آهي، پر گلگت بلتستان جي حڪومت حقيقتن ڪا خاص شيءِ آهي ئي ڪونه ۽ ائين اتي جي حڪومت هٿ اچڻ سان ڪو بادشاهه نٿو بڻجي وڃي پر حڪومت جنهن جي به هجي عملن گلگت بلتستان کي وفاق جو حق سيڪريٽري ڪنٽرول ڪري رهيو هوندو آهي. پر هن ڀيري اهي چونڊون پاڪستان جي سلامتي ۽ ڪشمير ڪاز جي حوالي سان نهايت اهم ٿي ويون هيون ۽ ان لاءِ اسان وري وري هٿ جوڙي ملڪ هلائيندڙن کي التجائون ڪري رهيا هئاسين ته اهي گلگت بلتستان جي چونڊن کي چونڊ رهڻ ڏين سليڪشن نه بڻائين. ان جا سبب اهي هئا ته هن وقت سي پيڪ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۽ چين جي دشمنن جون نظرون گلگت بلتستان تي لڳل آهن ۽ پاڪستاني رياست لاءِ اتي ڪنهن به فرد يا طبقي کي ناراض ڪرڻ ملڪي مفاد ۾ آهي، اڳ ئي ڪجهه ماڻهو پاڪستاني رياست جي رويي خلاف نعرو هڻي رهيا هئا ۽ اهي آواز حقيقي نمائندا دٻائي سگهيا ٿي پر جڏهن اتي به مصنوعي قيادت مڙهي ويندي ته پوءِ اتي به پي ٽي ايم جهڙيون تنظيمون وجود ۾ اچي سگهن ٿيون. ٻيو سبب گلگت بلتستان ۾ فرقيواراڻن فسادن جو خطرو آهي، بدقسمتي سان ماضيءَ ۾ دشمنن جي سازشن سان اتي مسلڪي بنيادن تي ماڻهن کي ويڙهايو ويو ۽ هاڻ به انڊيا جهڙيون طاقتون هڪ ئي وقت گڏجي ان باهه کي ڀڙڪائڻ ۾ لڳيون رهن ٿيون.اڳوڻي وزيراعليٰ حفيظ الرحمان جي باقي ڪارڪردگي ڪيئن به هئي پر حقيقت اها آهي ته ان مسئلي کي هن انتهائي مهارت سان قابو ڪري ورتو هو، پيپلزپارٽي به قومي پارٽي هجڻ جي ناتي ان مسئلي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ انتهائي بهتر ڪردار ادا ڪيو هو، هاڻ علي امين گنڊاپور ۽ ذولفي بخاري جهڙن ماڻهن جا نامزد نمائندا ڇا ان سنجيده مسئلي کي ڪنٽرول ڪري سگهندا؟ ٽيون سبب اهو آهي ته گلگت بلتستان جو معاملو ڄمون ۽ ڪشمير سان جڙيل آهي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته صوبي جي حيثيت گلگت بلتستان جي اڪثريتي ماڻهن جو مطالبو آهي ۽ آئون به ماضي ۾ ان لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهيان پر جڏهن کان مودي والاريل ڪشمير کي هڙپ ڪري ورتو تڏهن کان مون اهو مطالبو ورجائڻ وقتي طور تي ڇڏي ڏنو آهي. سبب اهو هو ته حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ هن موقعي تي اهڙي قدم جي حق ۾ نه هئا ۽ سندن خيال اهو آهي ته هن وقت ان قدم سان سندن مقصد کي نقصان پهچي رهيو آهي، هن وقت والاريل ۽ آزاد ڪشمير جا ماڻهو سخت فرسٽريشن جو شڪار آهن.انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ ۽ پوري پاڪستان قيادت کي آن بورڊ وٺڻ کانسواءِ پاڪستاني حڪومت جي هڪ طرفي اعلان ۽ قدم سان سندن جذبا مجروح ٿيندا.هاڻ جيڪڏهن گلگت بلتستان ۾ جينوئن قيادت اقتدار ۾ اچي ها ته مشوري سان پرو ويزنل صوبو ٺهڻ جو عمل آسان هجي ها پر هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن وفاق ۾ به هڪ تڪراري حڪومت آهي اهو ڪم ڪنهن به صورت ۾ خوش اصلوبي سان نٿي ڪري سگهيڇو ته هاڻ ڪشميرين سان گڏوگڏ پاڪستان جون مين اسٽريم پارٽيون به تعاون نه ڪنديون، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر حقيقت اها آهي ته اتان جي سياست هي ٻئي پارٽيون خاص ڪري پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ کٽي چڪيون آهن، بلاول ڀٽو جهڙي طرح گلگت بلتستان ۾ خيما کوڙيا ۽ پوءِ ان جي تقليد ۾ جهڙي طرح مريم نواز اتي وئي ۽ جلسن کي خطاب ڪيو، ان جي ڪري گلگت بلتستان جي ماڻهن جو پاڪستان سان پنهنجائپ جو احساس اجاڳر ٿيو ۽ ٻئي طرف سندن سرگرمين سبب انهن جي مسئلن کي پاڪستاني ميڊيا ۾ جاءِ به ملي وئي.
ڇو ته هاڻ ڪشميرين سان گڏوگڏ پاڪستان جون مين اسٽريم پارٽيون به تعاون نه ڪنديون، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر حقيقت اها آهي ته اتان جي سياست هي ٻئي پارٽيون خاص ڪري پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ کٽي چڪيون آهن، بلاول ڀٽو جهڙي طرح گلگت بلتستان ۾ خيما کوڙيا ۽ پوءِ ان جي تقليد ۾ جهڙي طرح مريم نواز اتي وئي ۽ جلسن کي خطاب ڪيو، ان جي ڪري گلگت بلتستان جي ماڻهن جو پاڪستان سان پنهنجائپ جو احساس اجاڳر ٿيو ۽ ٻئي طرف سندن سرگرمين سبب انهن جي مسئلن کي پاڪستاني ميڊيا ۾ جاءِ به ملي وئي.