حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ثمر حيدر جتوئي سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. اڳوڻي ايم پي اي مير عابد حسين جتوئي، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه،عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ ابرار قاضي، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر ايوب شر، سيد معظم شاهه، مير حيدر ٽالپر، نيشنل پارٽي اڳواڻ تاج مري، پروفيسر امداد چانڊيو، اديب ادريس جتوئي، جي يو آءِ اڳواڻ صالح بروهي، پروفيسر انعام ڀٽي، اديب ناز سنائي، ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي،آل سنڌ يونيورسٽي ايسوسيشن جي اڳواڻ محمد علي گهانگهارو، ڪامريڊ حڪم چنڊ، سيوا اڳواڻ غلام نبي ڀلائي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ظهير پٺاڻ، ڊاڪٽر وحيد جتوئي ۽ ٻين پاران تعزيت ڪئي ڪامريڊ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو.
246