اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 547 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 18 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 899 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 690، پنجاب ۾ 13 هزار 754، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 25، اسلام آباد ۾ 6 هزار 132، بلوچستان ۾ 841 ، گلگت بلتستان ۾ 240، آزاد ڪشمير ۾ 947 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 26 هزار 674 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 806 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 234 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 65 هزار 927 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 5 هزار 690، بلوچستان ۾ 16 هزار 582 ، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 482، اسلام آباد ۾ 25 هزار 278، خيبرپختونخوا ۾ 43 هزار 52، پنجاب ۾ هڪ لک 8 هزار 559 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 58 هزار 51 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 7 هزار 248 آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ 2 هزار 764، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 2 هزار 519 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرختونخوا ۾ هڪ هزار 318 فوتگيون ٿيون،اسلام آباد ۾ ڪل 265 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 157 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دران هو هڪ مريض ان وائرس سبب فوت ٿيو، گلگت بلتستان ۾ 93 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ 132 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جا 50 لک 55 هزار 382 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي علاج لاءِ مختص 794 اسپتالن ۾ 2 هزار 25 مريض علاج هيٺ آهن.
