138

پاڪستان ۽ مصر جا گڏيل لاڳاپا ثقافت ۽ تاريخ جي مضبوط بنيادن تي ٻڌل آهن: اسد قيصر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر جا گڏيل لاڳاپا مذهب، اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي مضبوط بنيادن تي ٻڌل آهن، پاڪستان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي اسلامي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر مصر جي سفير طارق محمود دهروگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، مسلم دنيا ۾ ويجهي رابطن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، پاڪستان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي ٻه طرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي اسلامي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪستا ۽ مصر اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ موقف جا حامل آهن، پاڪستان مصر سان معاشي، اقتصادي ۽ علائقائي ترقي لاءِ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ان موقعي تي مصري سفير طارق محمود دهروگ چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسندو آهي ۽ ان کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو