165

نيب سڀني لاءِ احتساب جي پاليسي اختيار ڪندي بدعنواني جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي: جسٽس جاويد اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته بدعنواني جو خاتمو نيب جي پهرين ترجيح آهي. نيب سڀني لاءِ احتساب جي پاليسي اختيار ڪندي بدعنواني جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن نيب جي سمورن آفيسرن ۽ ملزامن کي هدايت ڪئي ته هو قانون مطابق ٺوس شاهدين جي بنياد تي مڪمل تياري سان نيب جي احتساب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي ڀرپور طريقي سان پيروي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪن. چيئرمين نيب جسٽس جاويد اقبال نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ نيب جي پراسيڪيوشن ڊويزن جي ڪارڪردگي جي جائزي وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته نيب جو پراسيڪيوشن ڊويزن نيب هيڊ ڪوارٽر جي آپريشن ڊويزن سان ملي ڪري ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن نيب جي آپريشن ڊويزن ۽ نيب جا سمورا ريجنل بيورو قانوني مدد حاصل ڪري سگهن ته جيئن شڪايتن جي جاچ پڙتال، انڪوائري، تحقيقات ۽ ڪيسن جي قانون مطابق معزز عدالتن ۾ ٺوس شاهدين جي بنياد تي ڀرپور طريقي سان پيروي ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته چيئرمين نيب جي هدايت تي تجربيڪار قانوني صلاحڪارن/ اسپيشل پراسيڪيوٽرز کي شامل ڪري پراسيڪيوشن ڊويزن جي نئين سر جوڙ جڪ ڪئي وئي آهي. گواهن جي حوالي سان هڪ طريقيڪار متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ان جا نتيجا همٿائيندڙ آهن. پراسيڪيوشن ڊويزن جي مشاورت، نگراني ۽ ڪارڪردگي جي تجزئي سبب احتساب عدالتن ۾ مجموعي طور سزا جو انگ 68.68 سيڪڙو آهي، جيڪو رڪارڊ ڪاميابي آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته احتساب عدالت سکر ريفرنس نمبر 2019/08 جو فيصلو ٻڌايو جنهن تحت ملزمن طفيل احمد ۽ وقار احمد کي ترتيبوار 10 سال ۽ 8 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته احتساب عدالت ڪوئيٽا ريفرنس نمبر 2015/12 جو فيصلو ٻڌايو ويو جنهن تحت ملزمن بابر تحسين، خالد اڪرام ۽ جاويد اڪرام کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. جڏهن ته هر هڪ کي 51.745 بلين رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته احتساب عدالت ڪراچي ريفرنس نمبر 2018/01 جو فيصلو ٻڌايو ويو جنهن تحت واجد علي کي 6 سال قيد ۽ 30 ملين رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. احتساب عدالت لاهور ريفرنس نمبر 2014/51 واري 2014/50 ، 532014/52 ، 2014/54 جو فيصلو ٻڌايو ويو جنهن تحت مرڪزي ملزم نذير احمد کي هر ڪيس ۾ واجب الادا رقم مجموعي طور ڏنڊ سان گڏ 5 سال سزا ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته احتساب عدالت ڪراچي ريفرنس نمبر 2017/16 ۾ ملزم شاهد رضا شاه، واحد بخش، زمان جوکيو، لال محمد، افضل حسين ۽ سالڪ نوخريچ  ۽ عبدالعزيز کي 10 -10 سال قيد سان گڏ هر هڪ کي 5 ملين رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. چيئرمين نيب جسٽس جاويد اقبال چيو ته بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي. نيب سڀني لاءِ احتساب جي پاليسي اختيار ڪندي بدعنواني جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو