سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سکر ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تي اڏيل ڪمرشل عمارتن کي فوري طور ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ آبپاشي کاتي سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف داخل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي گذري. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيو. جنهن عدالت کي درخواست ڪئي ته آبپاشي کاتي جي زمين تي قبضا ختم ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ته جيئن اتي رهندڙ ماڻهن کي متبادل جڳهه فراهم ڪري سگھجي. سنڌ جو وڏو وزير هن وقت ڪورونا وائرس سبب قرنطينا ٿيل آهي.جڳهه جو فيصلو نٿو ڪري سگھجي. جنهن بعد عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پهرين به سنڌ حڪومت کي مهلت ڏئي چڪا آهيون. هن وقت آبپاشي کاتي جي زمينن تي اڏيل ڪمرشل عمارتون فوري طور تي ڊاٿيون وڃن ۽ رهائشي عمارتن کي هڪ مهيني جي مهلت ڏيون ٿا. عدالت حڪم جاري ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار جي نگراني ۾ سمورو آپريشن ڪيو وڃي.
296