لاهور(م ڊ) تحرڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه خادم حسين رضوي لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، هڪ خانگي ٽي وي خانداني ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته خادم حسين رضوي فيض آباد ۾ تحريڪ لبيڪ ڌرڻي جي قيادت ڪئي هئي، ان دوران کيس بخار ٿيو هو، گذريل رات پوڻين 9 وڳي ڌاري طبعيت خراب ٿيڻ تي کيس شيخ زيد اسپتال آندو ويو، پهچڻ کان اڳ فوت ٿي ويو، موت جي تصديق لاءِ اي سي جي به ڪئي وئي، خادم حسين رضوي کي اسپتال کڻي ايندڙ بيماري جي هسٽري نه ٻڌائي، خادم حسين رضوي جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد گهر منتقل ڪيو ويو، وڏي انگ ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن پهتا، جنازي نماز بعد مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو، خادم حسين رضوي جو تعلق ضلعي اٽڪ سان هو، 22 جون 1966ع ۾ نڪه توت ۾ پيدا ٿيو، هن جهلم جي مدرسي ۾ حفظ جي تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته جامعيه نظاميه، رضويه لاهور مان درس جي تعليم مڪمل ڪئي، هوڏانهن ملڪ جي مختلف مذهبي تنظيم جي اڳواڻن خادم حسين رضوي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو.
