153

ڪورونا جي ٻي لهر ۾ واڌ، وڌيڪ 36 ڄڻا فوت، 2738 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 33 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 36 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل نون انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2738 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ مجموعي ڪيسن جو انگ 3 لک 68 هزار 665 ٿي ويو آهي. اين سي او سي مطابق فعال ڪيسن جو انگ وڌي 33 هزار 562 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن وقت تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 27 هزار 542 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 36 موت رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7561 ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو