ليکڪ: پال ايڊمز
آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته عالمي معاملن جو نظام بگڙي رهيو آهي، سندس واعدو آهي ته هو آمريڪا جي ساک کي بهتر ڪندو ۽ ان معاملي ۾ هو جلدي ۾ آهي، هلندڙ سال ”فارن افيئر“ نالي رسالي ۾ هن لکيو هو ته ”هاڻ ضايع ڪرڻ لاءِ ڪو به وقت نه آهي“ جوبائيڊن جي ڊگهي لسٽ ۾ ايران سان ٻيهر ائٽمي ٺاهه شامل آهي، اڳ اهو ٺاهه صدر اوباما جي وڏين ڪاميابين مان هڪ هو، پر 2018ع ۾ صدر ٽرمپ ان ٺاهه کان ڌار ٿي ويو ۽ ان کانپوءِ هن جي اها پوري ڪوشش رهي ته ڪنهن به طرح سان اهڙو ٺاهه ختم ڪيو وڃي، پر ايران تي صدر ٽرمپ جي ٻن سالن دوران انتهائي گهڻو دٻاءَ جي پاليسي باوجود به ايران اڄ ائٽمي هٿيار ٺاهڻ جي بلڪل ويجهو آهي ته ڇا ايندڙ سال جنوري ۾ صدارتي عهدو سنڀاليندڙ جوبائيڊن معاملن کي پراڻي طريقي سان ئي حل ڪندو؟ ۽ آمريڪي سياست جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڇا هو ائين ڪري به سگهي ٿو؟ رائل يونائيٽيڊ سروسز انسٽيٽيوٽ ۾ ايراني معاملن جي ماهر انيسي بسري تبريزي چوي ٿي ته هاڻ حڪمت عملي انتهائي واضح آهي پر اهو آسان نه هوندو، اهو چوڻ درست ٿيندو ته ان حوالي سان ڪافي چئلينج موجود آهن، گذريل ٻن سالن ۾ آمريڪا طرفان پابندين جو انتهائي ڏکيو ڄار وڇايو ويو آهي، جنهن سان جوبائيڊن وٽ ڪيترائي آپشنز اچي وڃن ٿا، جيڪڏهن هو انهن کي استعمال ڪرڻ چاهي، هن وقت تائين هن صرف ايران کي موجوده ٺاهه تي مڪمل پاسداري جو چيو آهي، جنوري ۾ هن لکيو هو ته تهران کي ان ٺاهه جي پاسداري طرف موٽي اچڻ گهرجي پر هاڻ ته اهو به هڪ چئلينج آهي، ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ٺاهه مان نڪري وڃڻ کانپوءِ ايران پاڻ تي لاڳو شرطن ۾ به گهٽتائي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي، انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي پنهنجي آخري ٽه ماهي رپورٽ ۾ چوي آهي ته ايران کي جي سي پي او اي تحت گهٽ سطح تائين يورينيم واڌ جي جيتري مقدار جي اجازت آهي هن ان کان ٻارنهن ڀيرا وڌيڪ يورينيم گڏ ڪري ورتو آهي، ان کانسواءِ ايران مٿئين درجي جي واڌ جو عمل به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت 3.67 سيڪڙو تائين واڌ جي اجازت آهي، پر ايران ان حد جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي، يورينيم جي گهٽ سطح تي واڌ جو بنيادي مقصد غير عسڪري هوندو آهي، مثال طور پاور پلانٽ وغيره استعمال، پر بلند ترين سطح جي واڌ کانپوءِ يورينيم ائٽمي هٿيار ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، ائٽم بم لاءِ گهربل سطح جي واڌ جي ويجهو نه ته ايران آهي ۽ نه ئي اطلاعن مطابق هو اهڙي ڪوشش به ڪري رهيو آهي. ظاهري طور تي اهي معاملا ڪجهه آسان آهن، ايراني عملدار چئي چڪا آهن ته ايران جا اهي قدم جيڪي جي سي پي او اي مطابق نه آهن، انهن کي روڪي سگهجي ٿو پر ايراني تحقيق کي بلڪل ختم نٿو ڪري سگهجي.ايران جي آءِ اي اي اي ۾ اڳوڻي سفير علي اصغر سلطاني جو چوڻ آهي ته اسان پوئتي ته نٿا وڃي سگهون، اسان پوائنٽ اي کان پوائنٽ بي تائين پهچي رهيا آهيون ۽ هاڻ اسان اتي ئي آهيون. پر ايران جي ڪو ٽرمپ جو دٻاءَ برداشت ڪري چڪو آهي، ان جا پنهنجا مطالبا آهن، عملدارن جو چوڻ آهي ته هاڻ صرف پابنديون هٽائڻ ئي ڪافي نه آهن، ايران اڍائي سالن جي معاشي تباهي جو ازالو به چاهي ٿو، ايران جون پنهنجون صدارتي چونڊون ايندڙ سال جون ۾ ٿيڻيون آهن ۽ ملڪ ۾ تبديلي جا حامي ۽ قدامت پسند ٻئي سخت ترين پوزيشن وٺي رهيا آهن، جيئن ئي ايران جي معاشي صورتحال بگڙي آهي، صدر حسن روحاني جي مقبوليت ڪري آهي پر ڇا جوبائيڊن پابندين ۾ نرمي ڪري روحاني جي چونڊ کٽڻ جا امڪان وڌائي سگهي ٿو؟ يونيورسٽي آف تهران ۾ پوليٽيڪل سائنس جي پروفسر ناصر هديان جيزي جو چوڻ آهي ته جوبائيڊن کي عهدو سنڀالڻ کان اڳ پنهنجا ارادا واضح ڪرڻ گهرجن، عوامي سطح تي هڪ واضح پيغام ته هو جي سي پي او اي ۾ جلد واپس اچڻ چاهي ٿو ئي ڪافي هوندو، پر ائين نه ڪرڻ سان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪندڙن کي غلط فمهيون پيدا ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو. پر جوبائيڊن وٽ پاڻ به آپشن محدود هوندا، جي سي پي او اي جي آمريڪا ۾ حمايت پارٽي لائينز ۾ ورهايل آهي ۽ ريپبلڪن پارٽي ۾ گهڻا ماڻهو ان جي خلاف آهن، جارجيا رياست جي سينيٽ چونڊن جا نتيجا سينيٽ ۾ طاقت جو تعين ڪندا ۽ مستقبل جي بائيڊن انتظاميا وٽ ڪيتري جاءِ هوندي ان جو به تعين ڪندا، جي سي پي او اي صرف هڪ ٻطرفو ٺاهه نه هو، ان جا ٻيا ميمبر روس، چين، فرانس، برطانيا، جرمني ۽ يورپي يونين سڀ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ان جي مستقبل سان لاڳاپيل آهن، خاص ڪري يورپي ملڪ ته آمريڪا کي واپس ڪرڻ لاءِ بيچين آهن، برطانيا، فرانس ۽ جرمني ان ٺاهه کي زندهه رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هاڻ واشنگٽن جي واپسي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا پر انهن ملڪن کي اهو به احساس آهي ته دنيا هاڻ اڳتي نڪري چڪي آهي ۽ بلڪل شروعاتي طرح سان آمريڪا جي سادي واپسي نٿي ٿي سگهي، انيسي تبريزي چوي ٿي ته هاڻ ته يورپي ملڪ به جي سي پي او اي کانپوءِ واڌو ٺاهن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، اهڙي ڪنهن به امڪاني ڊيل ۾ ايران جي علائقائي قدمن کي معاهدي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي، ان کانسواءِ ايران جي بئليسٽڪ ميزائل ٺاهڻ جي ڪوششن ۽ ائٽمي سرگرمين کي محدود ڪري سگهجي ٿو ۽ ويجهڙ ۾ ئي اهي ملڪ جن ٽرمپ انتظاميا جي چوڻ تي اسرائيل کي تسليم ڪيو آهي انهن لاءِ اسرائيل جي مفادن تي ڌيان نه ڏيڻ انتهائي ڏکيو ٿيندو، تازو هڪ سيمينار ۾ عرب امارات جي واشنگٽن ۾ موجود سفير يوسف العطيبه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان اسان جي خطي جي سلامتي تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيو ته اسان جو ان ۾ شريڪ ٿيڻ اهم آهي، اسرائيل جو چوڻ آهي ته هو به انهن ڳالهين ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، هوڏانهن سعودي عرب جي شاهه سلمان عالمي برادري طرفان ايران خلاف هڪ واضح پوزيشن جو مطالبو ڪيو آهي، جي سي پي او اي ۾ ٻيهر ساهه وجهڻ ۽ ان ٺاهه جي مخالفن جي خدشن جو به خيال رکڻ سولو ڪم نه آهي ۽ اهو نه وساريو ته ٽرمپ جو دور اڃا ختم نه ٿيو آهي، آمريڪا ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي صدر ٽرمپ پنهنجي مشيرن کان ايران جي ائٽمي مرڪزن تي حملو ڪرڻ بابت پڇيو هو پر پوءِ وري کين روڪي ڇڏيو هو، هاڻ کان وٺي جنوري تائين هو ڇا ٿو ڪري ان ۾ سندس هڪ نيت ته واضح آهي جوبائيڊن لاءِ انتهائي ڏکيون حالتون ڇڏي وڃڻ. (بي بي سي جي ٿورن سان)