ليکڪ: ساحل ٻالاڻي
ٿرپاڪر ضلعي ۾ روزاني جي بنياد تي هڪ يا ٻه آپگهات جا واقعا رپورٽ ٿين ٿا، ڏٺو وڃي ته انهن مان گهڻا قتل جا واقعا به ٿي سگهن ٿا پر افسوس ته لاڳاپيل حد جي ٿاڻن تي صرف روز نامچي ۾ اهو لکيو ويندو آهي ته ناري يا مرد آپگهات ڪري چڪو آهي ۽ مٿان وري اهو به لکيو ويندو آهي ته پڇاڳاڇا ڪرڻ تي پتو ته سندس دماغي توازن درست نه هو، اهڙي متن تي واقعو سئو سيڪڙو آپگهات ثابت ٿيو وڃي، ان سان گڏ حد جي اسپتالن ۾ لاش کي فارملٽي طور پوسٽ مارٽم طور رسم پوري ڪري وارثن حوالي ڪيو ويندو آهي، پوري ضلعي ۾ پوسٽ مارٽم جي سهولت نه هجڻ سبب اڪثر آپگهات ڪندڙن جا لاش ضلعي هيڊڪوارٽر يعني مٺي سول اسپتال ۾ آندا ويندا آهن جتي به اڪثر مٿي بيان ڪيل طريقي سان ئي رپورٽ تيار ڪئي ويندي آهي، مائٽ وس وارا آهن، ڪيس داخل ڪرائين يا معاف ڪن، جنهن معاشري ۾ لاش لاءِ ايمبولينس ملڻ مسئلو هجي، پوسٽ مارٽم سان ڊاڪٽر دلچسپي نه رکندو هجي اتي قتل کي خودڪشي ڏيکارڻ ڀلا ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، اسان جي ڄاڻ مطابق اهڙا واقعا 90 سيڪڙو قتل جا آهن ۽ پوليس ۽ ڊاڪٽرن جي ڄاڻايل وارداتي طريقي سبب قاتل آرام سان آجا ٿي وڃن ٿا، ضلعي اندر 5 سيڪڙو آپگهات غربت سبب ۽ 4 سيڪڙو اهڙا آهن جيڪي سڌو ماري پوءِ ٽنگيا ويندا آهن، هڪ سيڪڙو دماغي توازن جي درست نه هجڻ ۽ بيماري سبب ٿين ٿا.هن وقت تائين اهڙن واقعن جي ڪا به اڻڌري جاچ نه ٿي آهي، نه ئي وري ٺوس ثبوت ظاهر ڪيا وڃن ٿا، اهڙي لاپرواهي ۽ بيدلي سبب قاتل کي به سئو سيڪڙو يقين هوندو آهي ته هو آزاد ٿي ويندو، تنهن ڪري ٿر ۾ آپگهات جي واقعن کي هٿي مليل آهي. اسان اهو چئي سگهون ٿا ته هن طريقي جي قتلن جي نه ايف آءِ آر آهي، نه جاچ آهي، نه وري قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪا پوليس جي ڀڄ ڊڪ آهي، بس لاش اچڻ جي صورت ۾ فارملٽي ٿيندي رهي ٿي، ڪيترا لاش بنا غسل جي اگني سنسڪار ٿين ٿا ته ڪي وري دفن ٿين ٿا، امن ۽ شانتي جو ديس ليکيو ويندڙ هن خطي جي سيني ۾ الائي ڪيترا خون دفن ٿيل آهن، جن کي ظاهر ڪري پيش نه ڪرڻ ۾ خبر ناهي ته ادارن جا ڪهڙا مفاد آهن، بس ايترو سمجهون ٿا ته ڪڏهن حسينا لنڊ جا وارث دانهون ڪن ٿا ته ڪڏهن ليلا ميگهواڙ زيادتي سبب ڳورهاري بڻجي زماني جي رويي سبب رسو ڪنڌ ۾ وجهي ٿي، ڊي اين اي رپورٽ مثبت اچڻ باوجود ملزم شادي جون ڪوڙيون دعوائون ڪري ڪوڙا سرٽيفڪيٽ پيش ڪري ٿو ۽ ان بري عمل کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ سول سوسائٽي ۽ سياسي ماڻهو به مڪمل ساٿاري هوندا آهن، هڪ پاسي سماج سڌارڻ جي ٺيڪيدارن جي اها روش ته ٻئي پاسي چونڊيل نمائندن جي بيحسي ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، تازو ٿر ۾ مومل ميگهواڙ واقعو هائي لائيٽ ٿيو، جوابدار 2 سال اڳ ساڳي ناري سان ريپ ڪيس ۾ جيل ويو، ضمانت تي آزاد ٿي ويو، مسيحائن ۽ محافظن جي مهربانين سان ڊي اين اي لاءِ موڪليل ڪپڙا ئي تبديل ڪيا ويا ۽ وري ساڳئي جوابدار ان ناري کي زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن تي هن احتجاج طور کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو. ڏيپلو ويجهو ڳوٺ کينروهي ۾ به گيتا سوٽهڙ واقعي کي ڊاڪٽرياڻي، پوليس ۽ سياسي پٽيلن آپگهات ڄاڻائي بنا غسل جي اگني سنسڪار ڪرايو، وارثن دانهون ڪيون نيٺ ٿاڻي تي عورتن سميت ڌرڻو هنيو ويو، مجبور ٿي، پوليس قتل جو ڪيس داخل ڪيو ۽ ڪارروائي نه ڪئي جنهن سبب جوابدار ضمانت ڪرائي آيا، 4 ڏينهن اڳ به ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر ۾ جرڳو ڪري الزام هيٺ آيل ڌر جي اعتراف باوجود وارثن تي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءَ وڌو ويو، ڪجهه سالن کان ضلعي ۾ هر نئون ايندڙ ايس ايس پي کي تعارفي گڏجاڻي ۾ ئي سڀ کان پهريان اهم موضوعن تي بريفنگ ڏني ويندي آهي، پوءِ به اهي واقعا نظرانداز ڪيو ڇڏين.اڪثر اهڙا واقعا لڪايا ويندا آهن، آئون هن لکڻي ذريعي ايس ايس پي، ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او کان مطالبو ٿو ڪريان ته ضلعي ۾ صحت کاتي جون ٽيمون جوڙي تپي وائيز ذهني توازن درست نه هجڻ وارن مريضن جا تفصيل گڏ ڪيا وڃن جيئن انهن جي علاج لاءِ ڪو پلان جوڙائي سگهجي.هلندڙ سال ضلعي ۾ آپگهات جي واقعن جو انگ 108 ٻڌايو پيو وڃي جنهن مان گهڻو تعداد عورتن جو آهي، انهن کي روڪڻ لاءِ مٿين مسئلن کي حل ڪرڻ ضروري آهي.