162

سلطان ڪوٽ ويجهو ڪُترِ مشين مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 40 ورهين جو شخص فوت

سلطان ڪوٽ (ن سوڀ) سلطان ڪوٽ لڳ ڳوٺ گولو واهه جو رهواسي 40 ورهين جو شخص گلزار پٽ محب علي سنجراڻي ڪُترِ جي مشين مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جڏهن ته وارث کيس بيهوشي واري حالت ۾ همايون شريف جي خانگي اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق همايون شريف جي خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر ڪري ڇڏي، بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل شخص گلزار پٽ محب علي سنجراڻي جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو