187

چونڊڪو ڀرسان اڻڄاتل نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

نارو (ن سوڀ) سوراهه ٿاڻي جي حد چونڊڪو ڀرسان ڪاٺوڙ واري علائقي جي چونڊڪو وايا ٺري ميرواهه روڊ کان اتر طرف ريگستان ۾ کٻڙ جي وڻ ۾ 30 ورهين جي اڻڄاتل شخص جو ٽنگيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي چونڊڪو اسپتال کڻائي آئي آهي، جتي لاش کي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا. ان سلسلي ۾ ٿاڻي جي وڏي منشي وڪيل ڀنڀرو سوڀ پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڌنارن جي اطلاع تي ڪاٺوڙ واري ريگستاني علائقي ۾ کٻڙ جي وڻ ۾ ٽنگيل ڦاهو ڏنل لاش هٿ ڪري اسپتال آندو آهي، لاش جي ڪابه سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو