153

لاهور ۾ جلسي کان روڪيو ويو ته سڄي لاهور ۾ جلسا ڪيا ويندا: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت لاهور ۾ جلسي کان روڪيو ته سڄي لاهور ۾ جلسا ڪيا ويندا. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم 22 نومبر تي پشاور ۾، 30 نومبر تي ملتان ۽ 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ جلسو ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جلسا ڪرڻ کان منع ناهي ڪيو پر احتياط ڪرڻ جو چيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو