لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب لاهور 20 سالن کانپوءِ نواز شريف خلاف ايل ڊي اي پلاٽن جي ونڊ ورڇ ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. نيب ذريعن مطابق گڏيل جاچ ٽيم انڪوائري بابت مهربند رپورٽ ڊي جي نيب کي اماڻي ڇڏي آهي ۽ هاڻي ريجنل بورڊ جي گڏجاڻي ۾ هن سي آءِ ٽي رپورٽ تي پراسيڪيوشن ونگ قانوني راءِ ڏيندي.
