نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي اختيارن کي استعمال ڪندي جارجيا ۽ مشي گن سوڌو اهم رياستن ۾ چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ٽرمپ ري پبلڪن عملدارن تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته نتيجن جي واڌ واري عمل ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن. ميڊيا رپورٽن مطابق رياست جارجيا ۾ هٿن سان ڪيل ڳڻپ ۾ به نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن کي ڊونلڊ ٽرمپ تي برتري حاصل ٿي آهي. ٻئي پاسي جوبائيڊن چونڊ عملن تي صدر ٽرمپ جي تنقيد کي انتهائي غير ذميواراڻو قدم قرار ڏنو آهي.
