207

ڪورونا وبا اڳ جيان خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي: ڊاڪٽر فيصل سلطان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪورونا وبا اڳ جيان خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪورونا کان احتياط عوام تي ڇڏڻ مناسب نه هوندو، هي بيماري اڳ جيان خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ اسان کي پنهنجي رويي ۽ ميل جول ۾ احتياط اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هڪ ئي وقت ۾ هزارين شاديون ٿي رهيون آهن ۽ ماڻهو خوشي وچان ۾ ڀاڪر پائي رهيا آهن، شادي تقريبن کي اسان آئوٽ ڊور ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم پنهنجا جلسا رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ تعليمي ادارن بابت لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو