156

افغان امن عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، وزيراعظم جو ڪابل وارو دورو پاڪ_افغان جي ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو: شاهه محمود قريشي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.  افغانستان جي دوري بابت شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته افغان امن عمل بابت دوحا ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ امن عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جو ڪابل جو دورو ان ئي مقصد سان سلهاڙيل هو، پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو سهڪار افغانستان سان جاري رکندو. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو ڪابل وارو دورو پاڪ_افغان جي ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، ٻه طرفي واپار وڌائڻ تي افغان قيادت سان اهم ڳالهيون پڻ ٿيون آهن. هن چيو ته افغانستان وزيراعظم عمران خان جي ان دوري جو منتظر هو، وزيراعظم عمران خان افغان صدر کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو