167

اهڙين ڳالهين جو ڪهڙو فائدو جنهن ۾ حڪومت نه هجي: شيخ رشيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيندو پر ان ڳالهين جي ڪابه حيثيت نه هوندي جنهن ۾ حڪومت شامل نه هوندي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته گلگت بلستاتن ۾ چونڊون آزاد اميدوارن کٽيون آهن، ڇاڪاڻ ته ووٽ بينڪ جي حساب سان به آزاد اميدوار کٽيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته هي قوم کي بند گهٽي ۾ وٺي وڃڻ چاهين ٿا، نواز شريف ۽ مريم نواز بيان ڏئي عمران خان جي خدمت ڪئي آهي، اميد ته سياست جو جنازو نه نڪرندو. شيخ رشيد چيو ته رب مخالف ڌر جي اڳواڻن کي عقل ۽ شعور ڏئي ته جيئن هو تيزي سان ڳالهين طرف اچن.هن چيو ته جنرل باجوا 4 ڀيرا چئي چڪو آهي ته جنهن جي به حڪومت فوج ان سان گڏ بيٺل هوندي، ڪوبه عقل جو انڌو اهو نه سوچي ته پاڪستان جي عظيم فوج کي ملڪ جي ڪنهن به مسئلي کان الڳ ڪري سگهجي ٿو،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو