اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي بابت وفاقي وزير عمر اسد نوجوانن لاءِ خوشخبري جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عمران خان سڄي جدوجهد نوجوانن جي بهتر مستقبل لاءِ ڪئي آهي ۽ هاڻي به نيشنل يوٿ ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته يوٿ ڪائونسل جي سربراهي عمران خان پاڻ ڪندو ۽ ملڪ جي 50 نوجوانن جي چونڊ ڪئي ويندي. هن چيو ته نوجوان وزيراعظم سان ملي اهي پاليسيون جوڙيندا جن جي نوجوانن کي ضرورت هوندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ ۽ عمران خان جي جدوجهد ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي، يوٿ ڪائونسل جي چونڊ جو طريقيڪار انتهائي شفاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيو پيو وڃي، نوجوان ڪامياب جوان جي ويب سائيٽ تي اپلائي ڪري سگهن ٿا، 50 بهترين قابل نوجوانن کي ڪونسل جي ميمبرشپ ڏني ويندي.
