227

ٻنون هائير سيڪينڊري اسڪول جي ٻن استادن ۽ 6 شاگردن کي ڪورونا هجڻ جي تصديق، گھرن ۾ آئيسوليٽ

ٻنون:  (ن سوڀ) ٻنون جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ٻن استادن ۽ 6 شاگردن سميت 8 ڄڻن کي ڪوورنا وائرس ھئڻ جي تصديق ٿي آهي.  سجاول ضلعي جي ٻنون ھائيرسيڪنڊري اسڪول جي ٻن استادن ممتاز ولد الھورايو، آديش ولد موھن لال ۽ شاگردن سرواڻ ولد مٺو پليجو، سيد لياقت ولد مٺو شاھ، محمد عثمان ولد رشيد سمون، اشفاق ولد مشتاق، آشا ڌي الھڏنو ۽ ياسين ولد واحد بخش سميت اٺن ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ مثبت آئي آھي. سجاول ضلعي جي صحت کاتي طرفان ٻنون اسڪول جي ٻن استادن ۽ 6 شاگردن سميت 8 ڄڻن کي ڪورنا وائرس ھئڻ واري رپورٽ جاري ٿيڻ بعد سجاول ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر، صحت کاتي ۽ تعليم کاتي طرفان ڪورونا جي شڪار ٿيل استادن ۽ شاگردن کي پنھنجن گھرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ٻنون جي ھائير سيڪنڊري اسڪول کي اڻ اعلانيل مدي تائين بند ڪيو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو