181

ڪڇي اتحاد اڳواڻ ڌارشي ڪڇي دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ويو

نبي سرروڊ (ن سوڀ)  ڪڇي اتحاد جو اڳواڻ ڌارشي ڪڇي دل جو دورو پوڻ سبب 65 سالن جي ڄمار ۾ ديھانت ڪري ويو، جنھن جون آخري رسمون نبي سرروڊ ويجھو ڳوٺ ڀڳت روپچند ڪڇي (ميرموري) ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. آخري رسمن ۾ ڪڇي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻن سميت عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ضلعي جي ڪڇي برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو