183

ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي جي شروعات ٿي وئي….

ايڊيٽوريل

ريلوي واري وفاقي وزير ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻ  25 سالن بعد شهري سرڪلر ٽرين تي سفر ڪري سگهندا، ٻڌايو پيو وڃي ته سرڪلر ريلوي جيتوڻيڪ اڃا مڪمل بحال ته نه ٿي آهي، پر 46 ڪلو ميٽر ٽريڪ تي سٽي اسٽيشن کان پپري يعني گهارو جي ويجهو تائين ٽرين هلائي ويندي، ڦاٽڪ ۽ ٽريڪ سميت ڪيترن ئي هنڌن تي خراب صورتحال ۽ وقت سر تياريون مڪمل نه ٿيڻ سبب 21 مان صرف 13 اسٽيشنن تي ٽرين سروس موجود هوندي، ڪراچي سرڪلر ريلوي ٽرين جو في ڪس ڪرايو 30 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽرين جي رفتار مشڪل سان 35 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ هوندي، ٻڌايو پيو وڃي ته سٽي اسٽيشن کان اورنگي اسٽيشن تائين 14 ڪلو ميٽر ٽريڪ غير فعال هجڻ سبب سرڪلر ريلوي کي في الحال پپري يارڊ کان ڪراچي سٽي تائين ئي هلايو ويندو، ۽ باقي 8 اسٽيشنن وچ ۾ ڪٿي اڏاوتون آهن ته ڪٿي انڊر پاسز ۽ اوورهيڊ برج ٺهڻ ضروري آهن، جنهن لاءِ 14 ڪلو ميٽر ٽريڪ تي 15 کان 30 ڊسمبر تائين ٽرين هلائڻ جي نئين نئين تاريخ ڏني وئي آهي، عملدارن مطابق سرڪلر ٽرين 46 ڪلو ميٽرن جو فاصلو ڏيڍ ڪلاڪ ۾ طئه ڪندي، هوڏانهن وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 40 ڪلو ميٽرن تائين ٽريڪ مڪمل ڪري 13 اسٽاپن سان سروس شروع ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته سرڪلر ريلوي جو سڄو ڪريڊٽ چيف جسٽس کي وڃي ٿو ۽ ڪي سي آر جو ڪريڊٽ عمران خان ڏانهن به وڃي ٿو، جڏهن ته ٽرين هلڻ تي سنڌ حڪومت ان جو مڪمل ڪريڊٽ کڻي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻن سالن ۾ ٽريڪ ٺهندو هيءَ هڪ ٻن ڏينهن جي ڳالهه نه آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت جديد شهري ٽرانسپورٽ مڪمل ڪنداسين، جنهن ۾ عوام کي سهولتون ڏينداسين. هن چيو ته قبضا مافيا کي سنڌ حڪومت کي هٽائڻو آهي، ان حوالي سان اسان کي ڪراچي ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي جي سپورٽ نه آهي، 

اسان سمجهون ٿا ته دنيا جي ٻين جديد ۽ وڏن شهرن وانگر ڪراچي واسين جو به اهو حق آهي ته کين سرڪلر ريلوي ۾ سفري سهولتون ڏنيون وڃن، ان حوالي سان لاهور ۾ به تازو گرين ٽرين جو افتتاح ڪيو ويو آهي ۽ ان سهولت کي ڏسندي اهو به چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۾ اڃا شيون شروعاتي مرحلي ۾ داخل ٿيون آهن، وفاقي وزير شيخ رشيد سميت ريلوي عملدارن پڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته ٽريڪ اڃا مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، ان ڪري 21 مان صرف 13 اسٽيشنن تي سروس شروع ڪئي وئي آهي جيڪو به اسان سمجهون ٿا ته هڪ بهترين عمل آهي، هن وقت جڏهن دنيا ۾ جديد اليڪٽرانڪ ۽ تيز رفتار ٽرينن سميت انڊر گرائونڊ ٽرين جا ٽريڪ وڇائجي چڪا آهن، اتي اسان لاءِ اها سروس به ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي، ان ڪري وفاقي حڪومت جي ان قدم جي آجيان ڪندي اسان اها به گهر ڪنداسين ته رهيل ٽريڪ کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي ٽريڪ تان قبضا ختم ڪرائي گهربل ڊولپمينٽ ڪرائين ته جيئن رڳو ڪراچي نه پر سڄي سنڌ ۽ ملڪ جا شهري ان سروس مان ڀرپور فائدو وٺي سگهن، ڇو ته ڪراچي کي مني پاڪستان چيو ويندو آهي، ۽ آبادي جو وڏو دٻاءَ هن شهر تي آهي ۽ وڌندڙ آبادي لاءِ جيتريون به سفري سهولتون ميسر ڪيون وڃن اهي يقينن بهتر هونديون، اسان وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کي اها سروس بحال ٿيڻ تي مبارڪ ڏيندي وري به التجا ڪنداسين ته ٽريڪ کي مڪمل بحال ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو