ليکڪ: سوائي خان ڇلگري
اسان ضلعي ٿرپارڪر کي فقط اڍائي صدين کان نه ڳڻيون، پر هن جون پاڙون قبل مسيح واري دور کان به اڳ ۾ لڀن ٿيون. هن خطي واري هاڪڙي، مهراڻ ۽ پُراڻ جي واديءَ جي دامن ۾ سوين شاداب شهر ۽ آباد ڳوٺ هئا، بندر ۽ بازاريون هُيون، وڻج واپار جا مرڪز هئا، ننگر پارڪر جي ڪارونجهر جبل مان پنج نئيون يعني برساتي پاڻيءَ جون نديون نڪرن ٿيون جيڪي ڪڇ جي رڻ ۾ پون ٿيون، انهن جا نالا گوڙڌرو، پٽياني، گهرٽياري، موندرو ۽ سابوسڻ آهن. مينهن جي موسم ۾ اُنهن ندين جو پاڻي روڪي پيئڻ خاطر ۽ زمين آباد لائق بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت هينئر اُتي “ڊيم” ٺهرايو آهي. جنهن جو افتتاح تازو وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڪيو آهي. ڪارونجهر جي ڀرپاسي حسين ماٿريون جن ۾ ڀوڏيسر، ڪاسبو، آڌيگام، گهر ٽياري، موندرو، کاريون ۽ مڻو جي فالن سان وڏا ڳوٺ موجود آهن. تاريخ جي تناظر ۾ وڃبو ته، “پانڊوئن جي دور ۾ هيءُ خطو ڪشمير نظير هو. ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگر پارڪر کانسواءِ تعلقي ڏاهلي ۾ تاريخي شهر گڊڙو رامسنگهه جيڪو (هڪ سئو ايڪڙ ايراضي تي زرعي کاتو نمبر 112 جي داخلا موجب موجود آهي) 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ کانپوءِ خالي ٿي ويو هو. هن جي ڏکڻ طرف ”ناٿاڻ ترائي“ اڄ به موجود آهي ۽ منجهس ٻن سالن جيترو پاڻي ذخيرو ٿيل آهي جتان هينئر به انهيءَ ڏيڍ ڪلو ميٽر ترائي مان پنج وڏن ڳوٺن جا رهواسي هڪ طرف پيئڻ لاءِ ۽ ٻئي طرف مال مويشي لاءِ پاڻي استعمال ڪن ٿا. جن ۾ سائر جي ڍاڻي، حڪوم جي ڍاڻي، رحمت الله جي ڍاڻي، جمال جي ڍاڻي ۽ موسيٰ جي ڍاڻي، قابل ذڪر وستيون آهن.ان کانسواءِ اڻندڪنڀار ۽ سميجا ڳوٺ آهن. اهڙي طرح ڪاٺو سوجو نهڙي جيڪو هن علائقي ۾ تقريبن 700 گهرن تي ٻڌل ڳوٺ آهي. ائين ڪاٺو پٺائي ڳوٺ ۾ 500 گهرن جي آبادي ۽ ڪانڪيو جتي اڪثريت سميجا برادرين جي آهي 600 گهرن جي لڳ ڀڳ آبادي آهي. ائين ڳوٺ ماڏاڻي سميجا اهو به 300 گهرن تي مشتمل علائقو آهي. جن ڳوٺن جا رهواسي اٺن، گڏهن تي پاڻي انهيءَ ترائيءَ مان ڀري کڻي وڃن ٿا، جتي پڻ ”ڊيم“ ٿي سگهي ٿو جنهن تي لاڳت به گهٽ خرچ ايندي. هتي مصري حاجي سميجو ڳوٺ جي معزز رهواسي همير سمجي ٻڌايو ته گڊڙو شهر جي ڦٽل ايراضي ۾ ڪوبه هينئر رهائشي ناهي. هتي گل شير شاهه غازي جي 27 فوٽ ڊگهي قبر پڻ موجود آهي، جڏهن ته زبون حالت ۾ قديم مندر به موجود آهي ان ۾ لڳل پٿر ٻاهڙ مير ۽ جوڌپور مان آندو ويو هو. هن ترائيءَ جو پاڻي گهٽ ٿيندو هو ته هن شهر ۾ 6 قديم کوهه هئا، جن مان پاڻي ورتو ويندو هو، اهي کوهه پڻ پٿر جا ٺهيل آهن ۽ اڄ به سندن نشان موجود آهن، هن ٻڌايو ته گڊڙا ٻه آهن، هڪ دڙو گڊڙو جيڪو کينسر شهر کي ويجهو آهي ۽ ٻيو گڊڙو رامسنگهه جيڪو يوسي به آهي ته تپو به آهي، هن شهر جي 10 ڪلو ميٽر ۾ ڪوبه هندو ڪو نه ٿو رهي همير سميجي واقعو ٻڌايو ته مشهور ڳوٺ نيٻلو ۾ قاسم راهمون مرحوم نالي ان دور جو سخي هوندو هو، جنهن کي 1965ع جي جنگ ۾ 13 ڄڻن سميت مخالفن پڪڙي شهيد ڪرڻ بعد هڪ ئي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو ۽ اڄ به سندن وارث پاڪستان جي بارڊر ڀرسان گڊڙو او پي چوڪ جي انچارج کان اجازت وٺي فاتح لاءِ ويندا رهن ٿا.
1858ع ۾ ٿر ۽ پارڪر کي ملائي حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڏهاڪي ۾ ٿرپارڪر کي الڳ ضلعي جي حيثيت ملي وئي. ان کي ميرپورخاص کان الڳ ڪري، نالو “مٺي” رکيو ويو پر عوام جي اسرار تي 1993 ع ۾ ساڳيو نالو ٿرپارڪر بحال ٿيو. جيسيتائين “هاڪڙي“ جو ذڪر آهي ته، صديون پراڻيون ڪجهه ثابتيون ملن ٿيون، جن ۾ پار اسر رشي ۽ ويد وياس (جنهن رامائڻ لکي هئي) جون ملاقاتون سرسوتي ندي جي ڪنارن تي ٿيون هيون. اُن گم ٿيل نديءَ کي اسان “هاڪڙو” جي نالي سان سڃاڻون ٿا. پاراسر رشيءَ جو آستان ڪارونجهر ۾ آهي. هن لاءِ مشهور آهي ته هن هڪ پير تي هزار سال “تپسيا” ڪئي هئي. مهاڀارت جو جوڌو “ڀيم” هتي آيو هو ۽ هن گوڏي سان زمين مان پاڻي ڪڍيو هو. ڪارونجهر ۾ “ڀيم گوڏي” جي نالي تلاءُ موجود آهي. سنڌ مان سنڌو نديءَ کانسواءِ پاڻيءَ جي ٻين وهڪرن “گهاگهه”، ٻهندو، ريڻي، سنڪارو يا نارو ۽ مُهراڻو آنهن جو ذڪر ناليوارن محققن، مولائي شيدائي، تاج صحرائي مرحوم ۽ ويجهڙائي ۾ قائم سولنگي، من موهن گياني ۽ معصوم ٿري جدا جدا تفصيل سان لکيو آهي. ويدن ۽ سناتن ڌرم وارن ڪتابن کانپوءِ تاريخ جو ڪتاب “ايران ۽ سڪندر اعظم” تي 356 ق . م ۾ لکيو ويو آهي. اُن ۾ سرسوتي نديءَ کي خيالي ندي سڏيو ويو آهي. هاڪڙي متعلق غور ڪيو ته سنڌ ۾ 962ع ۽ 1050ع ۾ وڏا زلزلا آيا هئا. 1819ع ۾ ڪڇ ۾ خطرناڪ زلزلو آيو 1790ع ۾ سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، اروڙ وٽ شاهي بند ٻڌايو .
لاڙ ۾ پراڻ کي بند ٻڌي، سنڌو جي اُٿل وارو پاڻي بند ڪيو ويو هو. جنهن سبب ڪاري جي اهميت گهٽجي وئي. تنهنڪري هاڪڙي جي لاءِ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته ٿر ۽ ڪڇ ۾ گجرات تائين انهيءَ درياءَ تي ٿر جا بندر “نوهٽو” ويراواهه، رحڪمي بازار، پاري ننگر ۾ لکپت وغيره تان ٻيڙا ڀرجي گجرات جي مشهور بندرن لوٿل ۽ رنگپور تائين ويندا هئا. ڪرنل ٽاد موجب ته هتان جا پُراڻا رهاڪو پارسي هئا. انهيءَ نسبت سان نالو اصل ۾ ”پارسي ننگر“ هو. جيڪو بعد ۾ مٽجي ”پاري ننگر“ ٿيو. جنهن جو بنياد 512 ق. م ۾ رکيو ويو. هتي وڏو بندر هوندو هو. سنڌ جو مشهور رومانوي ۽ نيم تاريخي داستان ”سڏونت سارنگا“ به هن شهر سان لاڳاپيل هو. سارنگا – به پاري ننگر جي هئي جيڪا پنهنجي محبوب سڏونت کي پنهنجي گهر جو ڏس هن طرح ٿي ڏئي:
”پاري ننگر پڌارجو، ڪرجو ڀڳوڻ ويس
جس گهر ناريل رونکڙو، اُس گهر ڏيجو آڏيس“.
يعني:- گيڙو لباس پائي پاري ننگر ۾ اچ ۽ جنهن گهر ۾ ناريل جو وڻ بيٺل ڏسين، اُتي پيغام ڇڏج، ناريل جو وڻ اڪثر سمنڊ جي ڪناري جي پيدائش آهي. جنهن مان ثبوت ملي ٿو ته، پاري ننگر ان وقت درياءَ يا سمنڊ جي ڪناري آباد هو. انهيءَ علائقي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪاليداس ”ڊيم“ جو افتتاح ڪري ڄڻ ته صدين جي تاريخ کي ورجائڻ جو انوکو مثال قائم ڪيو آهي، جيڪو ڪارونجهر جي پهاڙين جي وچ ۾ اولهه طرف موجود آهي. ان افتتاح کانپوءِ ڊيم ڀرسان کيس ڊيم بابت چيف انجنيئر زاهد شيخ بريفنگ ڏني ۽ ڊيم جي اهميت ۽ افاديت تي روشني وڌي. ان کان اڳ ۾ وزير اعليٰ سنڌ کي ايم پي اي سراج سومرو ۽ ايم پي اي راڻا همير سنگهه طرفان آجياڻا ڏنا ويا. جڏهن ته وزير اعليٰ ميرپور خاص جي چونڊيل نمائندن ايم پي اي – ايم اين اي پارٽي ورڪرن سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه ڪارونجهر جي وچ ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ٿرپارڪر ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻ سنڌ حڪومت جي مختلف پروجيڪٽ ڏيڻ کانپوءِ سنڌ ۽ ملڪ جو هڪ شاهوڪار ضلعو هوندو. ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ ڪارو سون (ڪوئلو) پٿر ۽ گرينائيٽ جهڙا انمول خزانا آهن، هن خطي ۾ معاشي تبديلي آڻي رهيا آهيون. ٿر مان نڪتل ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي گهر ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو انرجي بحران کي قابو پائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، انهن معدني وسيلن ذريعي هن علائقي ۾ بختاور ايئرپورٽ جو قيام، صحت ۽ تعليم شعبي ۾ وڏا وڏا منصوبا قائم ڪيا ويا آهن ۽ ٿر جي اهم مسئلي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ مختلف هنڌن تي آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن. هينئر هڪ ننڍي وڏي ٿري ماڻهو جي زبان تي آهي ته ٿر بدليندو پاڪستان ۽ خوشحالي ۽ اميدن جو سج اڀرندو. جيڪي هن خطي ۾ ڏتڙيل ماڻهن جي قسمت بدلائيندو ۽ اهو خواب شهيد ذالفقار علي ڀٽو، شهيد سنڌ جي راڻي محترمه بينظير ڀٽو کان ويندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر جناب آصف علي زرداري جو هو، جنهن پهريون دفعو پنجاب کان سواءِ ملڪ جي ننڍن صوبن ۾ ننڍا ڊيم اڏڻ جا منصوبا تيار ڪيا هئا. ان جو مثال اڄ ٿر جي هن سرحدي تعلقي ننگرپارڪر ۾ ”سمال ڊيم“ جي منصوبن تي سنڌ حڪومت خرچ ڪري ٿر کي ترقي وٺرائي رهي آهي. ۽ اميد ڪجي ٿي ته آئينده چند سالن ۾ ٿر جو نقشو ئي بدلجي ويندو ۽ ان جو سهرو پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ڏانهن وڃي ٿو. جنهن هميشه سنڌ جي ماڻهن جي مالڪي ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نگرپارڪر ۾ ڊيمن جي تعمير سان نه صرف زرعي شعبي ۾ انقلاب ايندو پر پيئڻ لاءِ صاف پاڻي پڻ مهيا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ننگرپارڪر ۾ ”ڪاليداس ڊيم“ جو افتتاح ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ٿرپارڪر کي ترجيح ڏيندي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. هن چيو ته ڪاليداس ڊيم 333 ملين جي لاڳت سان تيار ڪيو ويو آهي. ڊيم جي پاڻيءَ سان نگرپارڪر شهر ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن ۽ چوپائي مال جي پاڻي جي ضرورت پوري ٿيندي، هن وقت ڊيم ۾ 13 فوٽن تائين پاڻي جمع آهي هي پاڻي پوري سال پيئڻ جي پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪندو. هن ڊيم ۾ 1012.30 ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش آهي. وڏي وزير چيو ته نگرپارڪر ۾ جبل 400 اسڪوائر ڪلوميٽر ۾ پکڙيل آهي ۽ هر سال اوسط 13 انچ برسات ٿئي ٿي . 13 انچ برسات پوڻ سان تقريبن 1 لک 11 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي ملي ٿو. جيڪو 2 لک 8 هزار ايڪڙ زمين کي سيراب ڪري ٿو. وڏي وزير چيو ته پهرين هي پاڻي ضائع ٿي ويندو هو. ان کي هن وقت اسعمال ۾ آڻڻ لاءِ سمال ڊيم پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي. هن وقت تائين 23 ڊيم مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ باقي 11 ڊيمن جو ڪم جولاءِ 2022 تائين مڪمل ٿيندو. هن چيو ته 23 ڊيمن جي مڪمل ٿيڻ سان هن وقت ننگر پارڪر جي 50 ڳوٺن کي پاڻي ملي رهيو آهي ۽ 42 ڊيمن مڪمل ٿيڻ سان 87 ڳوٺن کي صاف پاڻي مهيا ڪيو ويندو. هن چيو ته موجوده سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي غريب عوام سان گڏ آهي. انهن جي تڪليفن جي ڄاڻ رکي ٿي. انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ وقت بوقت ڪردار ادا ڪندي رهندي. پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ عوام جي طاقت تي يقين رکي ٿي. ان جي لاءِ عوام کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وفاقي حڪومت جي نااهلي آهي. جنهن جي ڪري اٽي، کنڊ ۽ ٻين شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. ان کان اڳ وڏي وزير ٿر ڪول بلاڪ ون جي متاثر ڳوٺ کاريو غلام شاهه جي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن کي تمام مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ۽ چيو ته ٿرڪول ۾ نوڪرين جو پهريون حق هتان جي مقامي ماڻهن جو آهي. انهن کي اهو حق فراهم ڪيو ويندو. انهي موقعي تي سعيد غني، سيد سردار شاهه، سهيل انور سيال، نواب تيمور ٽالپر، مرتضيٰ وهاب، ويرجي ڪولهي، نواب يوسف ٽالپور، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، فقير شير محمد بلالاڻي، قاسم سراج سومرو، اربا لطف الله، مير طارق ٽالپر، انجنيئر گيانچند ميگهواڙ ، دوست محمد راهمون، ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، سيد نور علي شاهه، عبدالوحيد شيخ، ڊي آءِ جي ميرپور خاص ذوالفقار لاڙڪ، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو، اي ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.