اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هر ٻار جي اوسر، سکڻ، کيڏڻ، واڌ ويجهه ۽ پريشاني، بک، خوف ۽ ظلم کان پاڪ دوستاڻي ۽ محفوظ ماحول ۾ سندن پرورش جي حقن کي يقيني بنائڻ واري عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ٻارن جي حقن متعلق معاهدي ۽ ان جي ٻن آپشنل پروٽوڪولس جي حيثيت سان پاڪستان سمورن ٻارن جي حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ تحفظ ڏکي برقرار رکڻ ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي قومي توڙي عالمي ذميدارين کي نڀائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان چيو ته پاڪستانن صنف، مذهب ۽ نسل جي بنياد تي ٻارن سان متڀيد واري سلوڪ ۽ سندن استحصال جي خاتمي جي لاءِ ادارن جي سطح تي ۽ قانوني قدم کنيا آهن. هن چيو ته اسان ٻارن تي تشدد، چائلڊ ليبر ۽ جبري شادي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون جڏهن ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بنائي رهيا آهيون ته سمورن ٻارن کي کاڌي، تعليم، صحت ۽ صحتمند ماحول جو حق ميسر هجي. ترجمان چيو ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ وزيراعظم عمران خان پٺتي پيل ٻارن کي خوراڪ ۽ غذائيت جي فراهمي جي لاءِ احساس ”نشونما پروگرام“ جو افتتاح ڪيو. هن وقت ملڪ جي نون ضلعن ۾ 22 نشونما مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ تائين ان پروگرام کي 12 ضلعن جي 52 مرڪزن تائين وڌايو ويندو. احساس پروگرام تحت غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ڪٽنبن جي ٻارن کي مفت تعليم ۽ وظيفا فراهم ڪيا ويندا آهن. انهن و پروگرامن ۾ ٻارڙين تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ترجمان چيو ته ڪووڊ- 19 جي عالمي وبا اسرندڙ ملڪن ۾ ٻارن جي لاءِ گهڻ رخي چيلينجن کي اجاگر ڪيو آهي. جڏهن ڪٽنب کي وڌندڙ قرضن، بيروزگاري، غربت ۽ بيماري درپيش هجي ته ٻار جي ڪمزوريءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو آهي. ترجمان چيو ته ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٻارن جي بگڙيل حالت کي وسارڻ نه گهرجي. اهي ٻار دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ رهن ٿا، جيڪي عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن جي ترت ڌيان جا مستحق آهن. 15 مهينن کان وڌيڪ جسماني ۽ ڊجيٽل ڪڙي ۾ گهرن کي ڊاهڻ، نظربندين ۽ طاقت جي غير ضروري استعمال جهڙن واقعن والاريل ڪشمير جي ٻارڙن کي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪري زندگي، تعليم، صحت متعلق سندن بنيادي حقن کان محروم رکيو آهي. عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ مظلوم ٻارن جي خراب حالت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ هندستان تي زور ڏيڻ گهرجي ته اهو پنهنجي غير قانوني، غير انساني پاليسين ۽ سي آر سي پاليسين جي ابتڙ طرز عمل کي ترت بند ڪري.
143