198

چين ۾ تيز رفتار ٽرڪ فوتي شخص جي آخري رسمن ۾ شريڪ ماڻهن مٿان چڙهي وئي، 9 ڄڻا فوت

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي اوڀر واري صوبي هينان جي شهر هوابين ۾ تيز رفتار ٽرڪ هڪ شخص جي آخري رسمن دوران ماڻهن تي چڙهي وئي، حادثي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن. چيني خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين ٻڌايو ته حادثو صوبي هينان جي شهر هوابين ۾ قومي شاهراهه تي ان وقت پيش آيو جڏهن ماڻهو هڪ شخص جي آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ هن کي کڻي وڃي رهيا هئا ته اوچتو هڪ تيز رفتار ٽرڪ ضابطي مان نڪري آخري رسمن ۾ شامل ماڻهن جي مٿان چڙهي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا ٿڏي تي فوت جڏهن ته 4 شديد زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو