نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي ٻارن جي ڀلائي جي اداري يونيسيف چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب ايندڙ 12 مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 لک ٻارن جي فوت ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته اضافي 2 لک ٻار پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي زندگي کان محروم ٿي سگهن ٿا. يونيسيف چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا سڄي دنيا جي ٻارن جي صحت، تعليم ۽ غذائيت تي نا قابل تلافي اثر وڌا آهن. اداري مطابق وڌندڙ غربت ٻارن جي زندگين تي پريشانين ۽ خطرن جا چادر ڦهلائي ڇڏي آهي. يونيسيف جي سربراهه ۽ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر هينريٽافور جو چوڻ آهي ته ان صورتحال سان ٻارن جي هڪ پوري نسل شديد خطري ۾ آهي. لکين ٻارن جون زندگيون خطري ۾ آهن، انهن خطرن جو اظهار يونيسيف جي هڪ تازي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. اها رپورٽ جوڙڻ لاءِ 140 ملڪن ۾ هڪ سروي پڻ ڪيو ويو. يونيسيف مطابق انهن مسئلن سبب ايندڙ هڪ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 لک ٻار جي فوت ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ اصافي ٻه لک ٻار پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي زندگي کان محروم ٿي سگهن ٿا. يونيسيف جو چوڻ آهي ته 135 ملڪن ۾ وبا سبب مائرن ۽ ٻارن کي 40 سيڪڙو مناسب غذائيت کان محرومي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ 265 ملين ٻارن کي اسڪولن ۾ کاڌو فراهم ناهي ڪيو ويو.
197