لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شاهه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو جي ميزباني هيٺ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ياد ۾ 32 هين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٽئين ڏينهن شهر جي پي سي بي گرائونڊ تي پهرين مئچ مرحوم محمد خان ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو ۽ ينگ اسٽار بليو لاڙڪاڻو جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ مرحوم خان محمد ڪلب جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر 15 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 119 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ عبدالڪريم 26 ۽ علي حيدر 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن ته ينگ اسٽار جي بالرن قاسم 3 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ينگ اسٽار بليو ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم بئٽنگ ڪندي 14 اوورن ۾ 3 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ 120 رنسون ٺاهي پنهنجي مخالف ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. جنهن ۾ بليو ڪرڪيٽ ڪلب جي بئٽسمين افضل 50 رنسون ٺاهيون نمايان رهيو جنهن کي مين آف دي مئچ جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. ٻي مئچ شهيد سهيل ڪرڪيٽ ڪلب قمبر ۽ ايگل اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب وارهه جي وچ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ ٽاس کٽي وارهه جي ٽيم پهريان بئٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ خليل بروهي 62 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جڏهن ته قمبر جي ٽيم طرفان راحيل 3 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ شهيد سهيل ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم بئٽنگ ڪندي 19 هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنسون ٺاهيون اهڙي ريت قمبر جي ٽيم وارهه جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. مئچ ۾ فاتح ٽيم جي بئٽسمين جي ايم بروهي کي 40 رنسون ٺاهڻ عيوض مين آف دي مئچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.
267