453

سنڌ ۾ 64 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ٻارن سان جنسي زيادتيءَ وارا واقعا معمول بڻيل آهن: هاري اڳواڻ

نوابشاهه (ن سوڀ) نوابشاهه ۾ هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر اڪرم خاصخيلي، ٻارڙن مظهر احمد، ملائڪا، فران گل، سماجي اڳواڻن شهزاد خاصخيلي، طارق حسين چنڙ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اڄ سڄي دُنيا ۾ ٻارن جو عا لمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اڄوڪو ڏينهن تي دُنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٻار خوشين ڀريو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، پر افسوس جو پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ٻار اڄو ڪو ڏينهن پنهنجن بُنيادي حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج طور ملهائيندا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻارن جي حقن جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، سنڌ ۾ ٻارن کي انهن جو بُنيادي ۽ آئيني تعليم جو حق پڻ نٿو ڏنو وڃي، انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾64 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جن مان 33 لک رڳو نياڻيون آهن جيڪي اسڪول کان ٻاهر آهن،  يعني تعليم کان محروم آهن جيڪو ٻارن جي ڪُل آبادي جو  40 سيڪڙو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين جي صورتحال پڻ ڳڻتي جوڳي آهي، سماجي تنظيم ساحل جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سال 2019 ۾ ٻارن سان زيادتين جا 861 ڪيس روپورٽ ٿيا جن ۾ 155 ٻارن جي اغوا جا ڪيس، 231 ٻارن جي گمشدگين جا ڪيس ۽ 85 ننڍي عمر جي شادين جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ساڳئي سال 2019 ۾ پوري ملڪ ۾ 104 ننڍي عمر جي شادين جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 82 سيڪڙو ڪيس سنڌ مان رپورٽ ٿيا آهن جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ٻارن جي اغوا ٿيڻ جي حوالي سان 10 ضلعن ۾ انتهائي خراب صورتحال آهي جن مان 07 ضلعا سنڌ جا آهن جن ۾ خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، دادو، گهوٽڪي ۽ نوشهروفيروز شامل آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ ٻارن خاص طور تي نياڻين کي اغوا ڪيو ٿو وڃي، انهن کي جنسي ذيادتي جو نشانو ٻڻائي انهن کي ساڙيو ۽ ماريو ٿو وڃي پر ٻارن جي حقن بابت ٺاهيل قانونن تي ڪنهن به قسم جو عمل درآمد نه تو ڪيو وڃي، سنڌ اندر جوڙيل چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس اڃان تائين فعال نه ٿي سگهيا آهن، گذريل ٽن سالن کان سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ2011 جي بجيٽ خرچ نه ٿيڻ جي ڪري واپس وڃي ٿي جنهن مان حڪومت جي ٻارن جي تحفظ بابت سنجيدگي ظاهر ٿئي ٿي، سنڌ ۾ غربت سبب لکين ٻار پورهيو ڪن ٿا، جبري پورهئي جي خاتمي جي قانونن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي ٻار جبري پورهيو ڪن ٿا، ان صورتحال مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ ٻار عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ حڪومت طرفان جوڙيل قانون ۽ اختياريون ٻارن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويون آهن. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻي لکين ٻارن جو مستقبل بچايو وڃي، تعليم جي بجيٽ ۾ واڌارو ڪري وڌيڪ ڏورانهن علائقن ۾ اسڪول قائم ڪيا وڃن ۽ اسڪولن ۾ سهولتن جي اڻهوند جو خاتمو آندو وڃي، ٻارن بابت جوڙيل قانونن تي عمل ڪرائي ٻارن سان ٿيندڙ ناانصافين جو خاتمو آندو وڃي، سنڌ جي سمورن چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس کي فوري طور تي فعال ڪيو وڃي ۽ سنڌ سطح تي ٻارن جي حقن بابت ڪميشن پڻ جوڙي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو