152

مودي حڪومت آسام کان ڪشمير تائين مسلمانن کي ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، گڏيل قومون والاريل ڪشمير ۾ ٻارڙن جي حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻن: شهريار آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير ڪميٽي جي پارلياماني چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته 20 نومبر جو ڏينهن سڄي دنيا ۾ ٻارن جي بنيادي حقن جي حوالي سان عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گڏيل قومن کي ڀارتي والاريل ڪشمير جي انهن معصوم ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪي هر ايندڙ ڏينهن ڀارتي فورسز هٿان پيليٽ گن جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته دنيا انساني حقن جي ماهرن مودي حڪومت طرفان ڀارت ۾ مسلم نسل ڪشي جي منصوبن جي باري ۾ خبردار ڪيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته مودي حڪومت آسام کان ڪشمير تائين مسلمانن کي ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. هن چيو ته گڏيل قومون انهي جو نوٽيس وٺن ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو